سنڌ ۾ بنيادي سھولتن کانسواءِ انساني ترقي ناممڪن قرار: عوام ووٽ گهرندڙن کان پڇاڻو ڪري: سانا ڪانفرنس

جنوري 8, 2024

ڪراچي(رپورٽ : فقير سليم) سنڌ جي گھڻ گھرن معياري ۽ ھڪجھڙي تعليم ۽ صحت جي بنيادي سھولتن کانسواءِ  انساني ترقي ناممڪن قرار ڏيندي زور ڀريو آھي ته سنڌ واسي عام چونڊن ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ ايندڙ ۽ گذريل 15 سالن کان حڪومت ۾ رھندڙ نمائندن کان سخت پڇاڻو ڪن ته جيئن سنڌ جي صورتحال بھتر ٿي سگھي، ڪالهه  سانا ڪانفرنس کي   خطاب ڪندي معاشي ماهر قيصر بنگالي چيو ته پاڪستان ۾ 75 سالن ۾ غربت جو خاتمو، تعليم جي فراهمي ۽ صاف پاڻي جي فراهمي ممڪن نه بڻائي سگهيا آهيون، ملڪ ۾ پئسو آهي پر هٿ وٺي عوام کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي، هن چيو ته عوام جي چونڊيل نمائندن وٽ وڏي معاشي سگهه آهي پر سندن عاليشان بنگلن ٻاهران غربت عام آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ مڊل ڪلاس پيدا ٿيو آهي، پر اهو سياسي طاقت ۾ ناهي، هتي چونڊيل نمائندا پيڙهين کان قابض آهن، هتي غريب وڌيڪ غريب ٿيندا پيا وڃن، جاگيرداراڻي نظام خلاف بغاوت ڪرڻي پوندي، انهي سان ئي نظام تبديل ٿيندو. سنڌ ۾ انساني ترقي سيشن  ۾ ڳالهائيندي  سانا اڳواڻ اعجاز ترڪ چيو ته سنڌ ۾ هر طرف جهالت ۽ تباهي نظر اچي ٿي، حڪومت جو فقدان آهي، سنڌ واسين کي اڳتي اچي پنهنجا حق وٺڻا پوندا، فوڊ سيڪيورٽي ۽ انساني ترقي تي ڳالهائيندي آبادگار اڳواڻ محمود نواز شاهه چيوته پاڪستان زرعي ملڪ هجڻ باوجود خوراڪ جي کوٽ وارن مسئلن کي منهن ڏئي پيو، هن وقت ملڪ عالمي، زرعي ۽ وڌندڙ آبادي جي چئلنجز کي منهن ڏئي پيو، مسئلن باوجود عوام اٽي يا ٻين شين جا اگهه وڌڻ تي نه آواز ۽ نه وري ڪو سوال اٿاري ٿو، هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ آئي پر هتان چانور ايڪسپورٽ ڪيا ويا، خوراڪ جي کوٽ جا مسئلا مقامي سطح تي ويهي حل ڪرڻا پوندا، اهو طئه ڪرڻو پوندو ته زراعت کي ڪئين ترقي وٺرائجي؟ سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ انساني ترقي بابت ڳالهائيندي دانشور نصير ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ کان اڳ به تباهي هئي، انساني ترقي نه هئي، عالمي اداري جي رپورٽ موجب ٻوڏ کان اڳ سنڌ ۾ 60 سيڪڙو ڪچا گهر هئا، بدين ۾ 75 ، جيڪب آباد ۾ 71 ۽ ميرپورخاص ۾ 70 سيڪڙو ڪچا گهر هئا، اسان 75 سالن ۾  اهڙي ترقي ڪري سگهيا آهيون، هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب سوا ڪروڙ ماڻهو 6 مهينن لاءِ بي گهر ٿيا، ان کي قدرتي تباهي ۾  ڳڻي نٿو سگهجي، صحت جي حوالي سان سرڪاري انگن موجب 5 لک ۽ عوام موجب 10 لک کان وڌيڪ مليريا ڪيس ٿيا، عوام جي تحفظ لاءِ سرڪار وٽ ڪو به پلان ناهي، هن چيو ته ٻوڏ بعد ساڍا 6 لک ڳورهاريون عورتون دربدر ٿيون، انهن جو ڪو رڪارڊئي ناهي ته انهن جو ڇا ٿيو؟ پيئڻ جو پاڻي صاف ناهي، 75 سالن ۾ جوڙيل اسڪولن مان ٻوڏ دوران 40 سيڪڙو اسڪول تباهه ٿي ويا، 20 لک گهر تباهه ٿيا، هاڻي حڪومت 20 لک گهر ٺاهڻ جو پلان جوڙيو آهي، انهي تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ٻوڏ بعد سنڌ ترقي ۾ 20 سال پوئتي هلي وئي آهي، انهي ڪري حڪومت کي ڪانٽريڪٽي نظام ختم ڪري عوام کي پاڻ سان ملائي ڪم ڪرڻو پوندو نه ته ترقي نه ٿيندي. تعليم کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر شيرين ناريجو چيو ته عوام کي اهو هاڻي سوچڻ گهرجي ته تعليم ڇا لاءِ هجي ؟ ٻارن کي  اسڪول ۾ ڇو داخل ڪرايون؟ انهن سوالن اٿارڻ ۽ انهن تي سوچڻ سان مسئلن جا حل به نڪري ايندا، هن چيو ته ڪانفرنس ۾ اسڪول بند هجڻ جي ڳالهه ڪئي وئي پر اهو نه ٻڌايو ويو ته 36 هزار اسڪول هلن پيا، 43 لک ٻار تعليم پرائين پيا، هڪ لک کان وڌيڪ استاد تعليم به ڏين پيا، هن چيو ته اسان تعليم پهچائڻ ۾ ناڪام ٿيا آهيون، تعليم لاءِ ايڪو نظام آڻڻو پوندو، رڳو گوسڙو ٽيچرن تي ڳالهائڻ بدران سڌارن ڌانهن وڌڻ گهرجي، تعليمي نظام کي 6 مهينن ۾ درست ڪري سگهجي ٿو، انهي لاءِ ٽي اي اوز بدران هيڊ ماسترن تي ڪم ڪجي، ڳوٺاڻن کي پاڻ اسڪولن جي مالڪي ڪرڻ گهرجي، اسڪول ٺهرائڻ کان وٺي انهن جي حفاظت لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

طاقتور ڌرين کي اسان ئي ليڊر بڻايوآهي، سنڌ واسي تبديلي ۽ ترقي لاءِ اڳتي اچن : هود ڀائي

ڪراچي: برک تعليمدان پرويز هودڀائي چيو ته سنڌ ۾ انساني ترقي ڪانفرنس بهترين چونڊ آهي، انهي سان گڏ عورتن جي ترقي تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، سانا ڪانفرسن کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ گهوسٽ استاد عام ڳالهه آهي، هاري ڀوڳين پيا، خانگي جيل، زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ سميت ٻيا مسئلا آهن، هن چيو ته اڳ ۾ پاڪستان معاشي طور مضبوط هو، 75 سالن ۾ ڪجهه نئون نه ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ طاقتور ڌرين ٻوڏ بعد ۾ پنهنجي رهڻي ڪهڻي ۾ تبديلي نه آندي آهي، باقي غريب عوام لاءِ دنيا کان ماحولياتي تبديلي جي نالي تي مدد ورتي وئي آهي. هن چيو ته طاقتور ڌرين سان گڏ بيورو ڪريسي به ڪرپٽ آهي، طاقتور ڌرين کي اسان ئي ليڊر ٿيڻ جي اجازت ڏني آهي، هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو آئيڊياز تي ڪم نه پيا ڪن ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟ تبديلي ڪيئن آڻيون؟ سنڌ جيڪا بهترين ماحول رکندڙ پرامن ڌرتي هئي، اهڙي سنڌ جي خواب کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ فزيڪل پاور جي ضرورت آهي، گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي پوءِ ڪير تبديلي ۽ ترقي کان روڪي نه سگهندو. آمريڪي وقتي قونصل جنرل جمي مالڊن چيو ته پاڪستانين ۽ آمريڪين ۾ گهڻيون هڪجهڙايون آهن، اهي اسپورٽس سان پيار ڪندڙ آهن، آمريڪا سنڌ ۾ ٻوڏ کانپوءِ بحالي وارن ڪمن ۾ اڳڀرو آهي، انهي سان گڏ معاشي سڌارن لاءِ سيڙپڪاري به ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سنڌ سرڪار سان تعليم، بجلي، صاف پاڻي، ڊرينيج ۽ ٻين معاملن جي سڌارن لاءِ معاهدا ڪيا آهن، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ذريعي به ڪم ڪريون پيا. سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي صدر مقبول هاليپوٽو چيو ته پاڪستان ۾ سياسي نظام مستحڪم ناهي، ٻين ملڪن ۾ ائين ناهي، سياست کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ايڊوڪيسي ڪندا آهيون، ٻيا ملڪ انهي عمل مان فائدو وٺندا آهن، هن چيو ته سنڌ وسيلن سان  مالا مال آهي، زراعت، تمر جي ٻيلا معدني وسيلا ۽ زمينون موجود آهن، پوءِ به اسان انساني ترقي ۾ پوئتي آهيون، اسان کي مسئلن جي حل ۽ ترقي لاءِ ڳالهائڻو پوندو، هن چيو ته سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن کي مسئلن جي حل لاءِ پاڻ سان ڳنڍڻو پوندو،  انهن کان پڇڻو آهي ته سندن مسئلا ڪهڙا آهن ۽ اهي ڪئين حل ٿيندا؟  ائين ڪرڻ کانسواءِ ترقي ممڪن  ناهي، هن چيو ته تعليم، سوشل ورڪ سميت ٻين معاملن تي هر طرح سان سانا مدد لاءِ تيار آهي، اسان ڀلي سنڌ کان پري آهيون پر اسان جي دلين ۾ سنڌ آهي، اسان جي ڳالهائڻ کانسواءِ حڪومت سڌارا نه آڻيندي.

 

Leave A Comment