ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي پاڪستان جي 76هين آزادي جي ڏهاڙي تي مزار قائد تي حاضري ڀري
گورنر ۽ وڏي وزير گڏجي قائد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا گهري، وڏي وزير مراد علي شاهه مزار قائد تي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به لکيا
وڏي وزير مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 76سال اڳ قائد اعظم خوبصورت ملڪ ٺاهيو هو، دل جي گهرائين سان عوام کي جشن آزادي جون مبارڪون ڏيان ٿو
مراد شاهه چيو ته نگران وزيراعظم اڄ حلف کڻي رهيو آهي، سنڌ ۾ به هڪ ٻن ڏينهن اندر نگران وڏو وزير اچي ويندو، اميد آهي ته عوام آزاداڻي طريقي سان ووٽ ڏيندو، هاڻي اسان کي واپس ماڻهن ڏي وڃي رهيا آهيون
هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ بهترين ترقياتي ڪم ڪرايا، ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو، پ پ ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪراچي جي سڀ کان وڏي جماعت بڻجي اڀرندي
مراد شاهه چيو ته ڪيترائي ڀيرا اسان کان مينڊيٽ کسيو ويو، اسان سنڌ جي ماڻهن جي اميدن تي پورا لٿا آهيون، عوام اسان کي ٻيهر ڪامياب ڪندو