سنڌ ۾ به سمارٽ لاڪ ڊائون: بازارون 9، هوٽلون 11.30 ۽ شادي هال 12 وڳي بند، مختلف شهرن ۾ پوليس ڪارروائي

سنڌ ۾ به سمارٽ لاڪ ڊائون: بازارون 9، هوٽلون 11.30 ۽ شادي هال 12 وڳي بند، مختلف شهرن ۾ پوليس ڪارروائي

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ ۾سمارٽ لاڪ ڊائون: بازارون9، هوٽلون 11.30 ۽ شادي هال 12 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم، ان ڏس ۾سنڌ حڪومت ڪفايت شعاري واري پاليسي تحت مارڪيٽن، ريسٽورنٽس ۽ شادي ھالن جا نوان وقت جاري ڪندي باضابطا طور تي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، گهرو کاتي موجب دڪانن، مارڪيٽن، شاپنگ مالز ۽ ٻين ڪاروباري مرڪزن جا وقت فوري طور تي لاڳو ھوندا. ڊويزنل ھيڊ ڪوارٽرز وارن شهرن کانسواءِ سمورن ضلعن ۾ دڪان، مارڪيٽون، شاپنگ مالز ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز رات 8 وڳي بند ڪيا ويندا، جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپور خاص ۽ نوبشاهه وارن    ڊويزنل ھيڊڪوارٽرز ۾ ڪاروبار بندش جو وقت رات 9 وڳي مقرر ڪيو ويو آھي. اهو حڪم  ڇنڇر  ۽ آچر سميت ھفتي جا ست ئي ڏينھن لاڳو  ٿيندو،سنڌ حڪومت واضح ڪيو آھي تھ تندور، ڊيري ( کير ) جا دڪان، بيڪريون، ميڊيڪل اسٽور، ليبارٽريون، اسپتالون ۽ پيٽرول پمپ اُنھن پابندين کان آجا ھوندا. صوبي جي ريسٽورنٽس، فوڊ آئوٽ ليٽس تي شام جو 7 کان رات ساڍي 11 وڳي تائين ڊنر سروس  (رات جي ماني) جي اجازت ڏني وئي آھي، باقي ھوم ڊليوري ۽ ٽيڪ اوي سروس تي وقت جي ڪابه پابندي نھ ھوندي، سنڌ حڪومت جي پڌرنامي موجب شادي ھالز ۽ بينڪوئٽس ۾ رات 8 کان 12 وڳي تائين تقريبن جي اجازت ڏني وئي آھي. سنڌ حڪومت پرڳڻي جي ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي ھدايت ڪئي آھي تھ اُھي سنڌ پوليس جي سھڪار سان اُنھن حڪمن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائين. ٻئي طرف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون تي عمل ڪرايو ويو. ٽنڊوآدم ۾ پوليس محمدي چوڪ، موبائيل مارڪيٽ، ايم اي جناح روڊ، اسٽيشن چوڪ، لطيف گيٽ، شاھي بازار، بمبئي بازار، کجي مارڪيٽ ۽ ٻين اھم ڪاروباري ۽ تجارتي مرڪزن کي بند ڪرائي ڇڏيو. ڪنري ۾ پوليس پاران مارڪيٽون بند ڪرايون ويون اڪثر ڪاروبار کُليل رهيو. ٺٽي شھر ۾ عملدرآمد نھ ٿي سگھيو، ٺٽي شھر جي مک اسٽاپ وارا دڪان ۽ پان مانڊڻيون، سيلون، ڊرائي ڪلين شاپس توڙي ھوٽلون کليل رھيون  ۽ رات وارو ڪاروونھوار معمول جيان جاري ھيو.