لاهور(م ڊ) سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ برساتن سبب مختلف حادثن ۾ ٻارن، عورتن سميت وڌيڪ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن
تازين برساتن دوران ٻن ڏينهن دوران فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 21 ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪيترائي زخمي آهن
سنڌ ۾ به ڪڪر وسي پيا آهن، اتر سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات پئي آهي. کجين جي فصلن کي نقصان رسڻ جو خدشو آهي.
پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن کان جاري طوفاني برسات سبب اهم روڊ سمنڊ جو منظر پيش ڪري رهيا آهن. چوڌاري پاڻي ئي پاڻي نظر اچي رهيو آهي
ڪامونڪي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا دٻجي ويا. ماءُ ۽ 2 ٻارڙين جا لاش ڪڍيا ويا آهن
فوتين ۾ 2 ورهين جي فاطمه ۽ 13 ورهين جي مريم جڏهن ته 50 ورهين جي حاجره شامل آهن
لاهور جي مزنگ اسپتال جي ڀت برسات سبب ڪري پئي. حادثي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا
شرقپور ۾ برسات دوران پاڻي جو موٽر هلائيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب ڏاڏو ۽ پوٽو فوت ٿي ويا