سنڌ ۾ بيروزگاري وڌي وئي: اڄوڪي ڏينهن ۾ 6 نوجوانن آپگهات ڪري ڇڏيو

جُولاءِ 6, 2023

ڪراچي (نمائندن وٽان) بيروزگاري، مهانگائي ۽ گهرو مسئلن جي ڪري سنڌ جي مختلف علائقن ۾ 6 ڄڻن خودڪشي ڪري ڇڏي

بيروزگاري مهانگائي گهرو پريشاني کان تنگ اچي دڙو جي پورهيت پنهنهجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، وارڊ 5 جي رهواسي سڪندر ملاح بجلي جي تارن ۾ هٿ وڌو جنهن ڪري ڪرنٽ لڳڻ ڪري هو فوت ٿي ويو، مرحوم 6 ٻارن جو پيءُ هو

پکو ڀرسان به نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي، ڳوٺ ڀولا ڪلھوڙا واسي زاھد مغيري ولد منٺار مغيري گھرو اڻبت تان زھر پي پنھنجي زندگي جو انت آندو

قاضي احمد ويجهو ڳوٺ مٺو مري ۾ 18 ورھين جي اعجاز علي جوڻيجو جو  گهر ٻاهران مبينا گوليون لڳل لاش هٿ ڪيو ويو

چاچي محمد صديق جوڻيجي ٻڌايو ته ڀائيٽي پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري خودڪشي ڪئي آھي، پر ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو پوليس وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

گپچاڻي ڀرسان ڳوٺ احسان علي بروھي ۾ 18 ورهين جي ساجد پٽ محمد بروھي جو وڻ ۾ مبينا ڦاھو کاڌل لاش مليو پوليس موجب نوجوان خودڪشي ڪئي آھي جڏھن ته ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آھي

ڪنري جي علائقي ٽالهي ۾ بيروزگاري کان تنگ اچي نوجوان پرسو ڪولهي پاڻ کي ڦاهو ڏئي آپگهات ڪيو، ڳوٺ نصير چانڊيو ۾ نوجوان پرسو ڪولهي جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو، وارثن جو چوڻ آهي ته پرسو بيروزگاري سبب پريشان هو

هالا ۾ نوجوان صدام ڏاهري جو گهر جي ڪمري مان ڦاهو ڏنل لاش مليو، وارثن موجب نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي آپگهات ڪيو

Leave A Comment