Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_kel9orti6q8vv75h2i25rdo9tr, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سنڌ ۾ تعليم تباهي ۽ ان جو ذميواز؟؟؟ ... فائزا پير بخش - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سنڌ ۾ تعليم تباهي ۽ ان جو ذميواز؟؟؟ ... فائزا پير بخش - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

سنڌ ۾ تعليم تباهي ۽ ان جو ذميواز؟؟؟ … فائزا پير بخش

اڄ جي تيز ترين ۽ تعليم يافته ترقي واري دور ۾ سنڌ جي تعليم ۽ ترقي تي نظر ڊوڙائينداسين ته سنڌ جي اوائلي دور واري مسلمان سلطنت وارو تسلسل ياد اچي ويندو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ جا واڳ ڌڻي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ ٻيون تعليمي درسگاهون ٺاهڻ بدران پنهنجون مهل، ماڙيون، شاهڪار ۽ عاليشان بنگلا ۽ ذاتي پراپٽيون ٺاهڻ ۾ پورا آهن، ۽ اسان جڏهن تعليمي درسگاهن ۾ جهاتي پايون ٿا تڏهن اندر جو انسان اسان تي ملامت ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي، اڄ به اسان جون تعليمي درسگاهون مال جي واڙن، وڏيرن جي اوطاقن، ۽ گودامن ۾ تبديل آهن،جيڪڏهن اسان جا واڳ ڌڻي تعليم جي اهميت ۽ افاديت کي سمجهن ها ته جيڪر اسان جي تعليمي درسگاهن جو ههڙو حشر نه هجي ها، دنيا جتي تعليم ذريعي ارتقا جون منزلون طئي ڪري چنڊ کان به اڳتي نڪري مريخ تي پهتي آهي اتي اسان اڄ به پٿر جي دور واري زندگي گهاري رهيا آهيون، تعليم وڏي وٿ آهي پر افسوس اسان جي حڪمرانن سميت اسان پاڻ به تعليم جي اهميت ۽ افاديت کي ناهيون سمجهي سگهيا، حقيقت ته اها آهي اسان سنڌ واسين سان حڪمرانن صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تاريخي ناانصافي ڪئي آهي، هي دور تعليم جو آهي تنهن ڪري اسان کي تعليم تي پوري طرح ڌيان ڏيڻو پوندو، سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي کي گهرجي ته هو عوام کي تعليم جي اهميت ۽ افاديت بابت ٻڌائن پر افسوس اسان وٽ اڪثر به ائين ٿيندو آهي ته اسان جا تعليم يافته باشعور فرد تعليم کي انفرادي طور استعمال ڪن ٿا، مطلب پنهنجي تعليم کي فقط پاڻ تائين محدود رکن ٿا، جيڪو سراسر غلط آهي، جيڪڏهن ڪو فرد تعليم يافته آهي ته ان کي گهرجي هو اجتماعي طور تعليم ۽ شعور جي وستار ۽ پرچارڪ ڪري ۽ عوام ۾ تعليم بابت سڄاڳي پيدا ڪري، ان سان گڏ عوام کي تعليم جي اهميت ۽ افاديت پڻ ٻڌائي ۽ سمجهائي، ڇاڪاڻ جو اسان جي سنڌ ۾ سنڌي قوم تعليم جي طاقت کان بلڪل به بيخبر آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان ترقي تعليم ۽ شعور جي ڊوڙ ۾ ٻين ملڪن ۽ صوبن جي ڀيٽ ۾ تمام پٺتي پيل آهيون.
جيڪڏهن اسان سائنسي ۽ جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ داخل ٿيا آهيون ته ان جو سڄو سمورو ڪريڊٽ فقط تعليم ڏانهن ئي وڃي ٿو، پر بدقسمتي سان اسان جو سنڌي سماج اڃان تائين تعليم جي اهميت ۽ افاديت کي سمجهي ناهي سگهيو، خاص ڪري اسان جا سنڌي پنهنجي ٻارن کي تعليم به انهيَ جي لاءِ ڏيارين ٿا ته جيئن اسان جا ٻار لکي پڙهي ڪا خاص نوڪري وٺي سگهن، سو دوستو اسان جي سنڌين جي اها سوچ بلڪل به غلط آهي، ڇاڪاڻ جو جنهن معاشري ۾ تعليم فقط نوڪري وٺڻ لاِ حاصل ڪئي وڃي ان معاشري ۾ سماج سڌارڪ نه بلڪ فقط نوڪر ئي پئدا ٿيندا آهن، ڪالھه هڪ جاءِ تي مون ڏاڍو عجيب منظر ڏٺو ته هڪ پنجن سالن جي معصوم ٻار کي سندس والد چئي رهيو هو ته پڙھڻ ۾ ڇا رکيو آهي، هل ته توکي موٽر سائيڪل جي مستري وٽ ڇڏي اچان، جيئن وقتي ڪو هنر سکي سگهين، جڏهن ان جي والد کان مون سوال ڪيو ته هن کي پڙهائين ڇو نٿو، تڏهن چيائين ادي پڙهائڻ ۾ ڪهڙو فائدو ؟ ڪهڙو وري اسان کي نوڪري ملندي، تڏهن مون سوچيو ته اسان جا سنڌي پوئتي به تڏهن آهن، جو پنهنجي ٻارن کي تعليم جهڙي انمول هيري کان پري رکن ٿا ۽ مستقبل جي معمارن کي بچپن کان ئي ڪمائي جي مشين بڻائن ٿا، اهي معصوم وقتي طور ته پئسي جي رس چس مان مزو وٺن ٿا پر انهن جو مستقبل جهالت طرف ڌڪبو وڃي ٿو، چوڻ جو مقصد اهو آهي ته تعليم فقط نوڪري وٺڻ جو نالو ناهي ان سان گڏ ماڻهو سماجي ڀلائي لاءِ به جتن ڪندو رهي، تعليم جي ڪلت سبب سنڌ جا ماڻهو ڪارو ڪاري، عقيدي پرستي، جهڙين ٻين مدي خارج ريتن رسمن ۾ جڪڙيل آهن، سو آئون سنڌ واسين کي استدعا ڪندس ته وقت جي گهرج موجب تعليم جي اهميت ۽ افاديت کي سمجهو ۽ مستقبل جي تارن کي ڪمائي جي مشين بڻائڻ بدران انهن کي تعليم ڏياريو ته جيئن هو سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *