سنڌ ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻڏل: پڙھيل ماڻهو نه پر پئسي ۽ پاور جي عزت آھي: طارق رفيع   

سنڌ ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻڏل: پڙھيل ماڻهو نه پر پئسي ۽ پاور جي عزت آھي: طارق رفيع   

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم)  تعليمي ماھرن ملڪ ۾ ڪرندڙ تعليمي معيار تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آهي ته اڄڪلهه تعليم ۽ تربيت بدران پئسي ۽ طاقت جي اھميت وڌيڪ آھي، جنهن سبب معاشري ۾ اخلاقي قدر گھٽجي رھيا آھن ـ آرٽس ڪائونسل ۾ جاري عالمي اردو ڪانفرنس ۾ تعليمي معيار جي عنوان ھيٺ ڪوٺايل سيشن کي  خطاب ڪندي پروفيسرطارق رفيع چيو ته اسانجي ھر شعبي جو معياري زوال پذير آھي۔  اسانجا قدر ختم ٿي ويا آھن، مون پنهنجي ٻارن کي استاد ٿيڻ لاءِ  ناھي چيو ،ڇو جو استاد جو اڄ اھو مقام ناھي، جيڪو اڳ ۾ ھوندو ھو، جيستائين سٺا استاد نه ھوندا تيستائين سٺو سماج نه ملي سگھندو،  ھن چيو ته دنيا سڄي تعليم تي وڌيڪ سيڙپ ڪري ٿي پر اسان جڏهن اسين وي سيز جا انٽرويو ڪريون ٿا ته صورتحال جي خبر پوي ٿي ته ڪيڏي صورتحال خراب آھي؟  هن چيو ته سماج ۾ پڙھيل لکيل ماڻهو  نه پر پئسي ۽ پاور جي عزت آھي۔  انھي ڪري ھر ماڻهو پئسو ۽ پاور حاصل ڪرڻ چاھي ٿو زيب ٽيڪ جي سربراھه وحيده مھيسر چيو ته اسان وٽ اسڪولن جي نصاب ۾ ٻار کي ڇا ٿا پڙھايون؟  تعليم تربيت کانسواءَ ڪجھ ناھي، اسان وٽ ھاڻي نوڪري ذميواري نه پر مجبوري ۾ ٿئي ٿي، جڏهن ڪا به نوڪري نٿي ملي ته اھو وڃي استاد ٿو ٿئي، اسان جي   آئين ۾ اسڪول جي ڊفينيشن ( وصف) ئي ناھي، اسان 78 سالن کان انفراسٽرڪچر  ۽ استادن جي تربيت تي ڳالهايون ٿا پر جيستائين اسڪول ايجوڪيشن ٺيڪ نه ھوندي، تيستائين يوينورسٽين مان سائنسدان ڪيئن پيدا ڪنداسين؟ سنڌ لاءِ 40 ھزار اسڪول ڪافي آھن؟ ھڪ ڪمري جي اسڪول ۾ ڇا پڙھايو ويندو؟ اسان وٽ سوڪ سينس ناھي،اسان   78 سالن کان اتي ئي بيٺل آھيون، جتان شروع ڪرڻو آھي جنريشن زي جو وڏو انگ ان قسم جي فيسٽيول ۾ به دلچسپي نٿو رکي، لطيف ورسٽي جي وي سي پروفيسر يوسف خشڪ چيو ته برصغير جي تاريخ ۾ بغداد کان ٽيڪسيلا تائين سوچ پروان چڙھي،  اسان وٽ استاد کي خوف آھي ته متان کانئس سوال نه پڇيو وڃي، اھو خوف ھوندو ته اسان وٽ فڪري تعليم ڪٿان ايندي؟ ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرڻ وقت ئي والدين طئي ڪندا آھن ته اولاد کي ڇا ٿيڻو آھي. نامياري تعليمي ماھر صادقه صلاح الدين چيو ته پاڪستان ۾  روزانو 19 ھزار ٻار پيدا ٿين ٿا، جن لاءِ پلاننگ ٿيڻ گهرجي، آءَ بي اي يونيورسٽي سکر جي وي سي آصف شيخ چيو ته اسان وٽ آرٽيفيشل انٽيليجنس آھي پر ھاڻي آرٽيفيشل جنرل اينٽيليجنس اچي رھي آھي،  ماءِ جي ھنج کان وٺي قبر تائين واري علم جو مقصد صرف نصاب ناھي،  سماجي قدر به آهن ،اسان پاڪستان جي ھر صوبي جي شاگردن کي ملائي ڪلاس ٺاھيا آھن ته جيئن شاگردن  جا اخلاقي قدر بھتر ٿين،  سنڌ مدرسي جي وي سي ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته  دنيا ۾85 سيڪڙو ملڪ اسريل ۽ 15 سيڪڙو اسرندڙ آھن۔  اسان وٽ 65 سيڪڙو لٽريسي ريشو (خواندگي )جي جيڪا ڳالهه ٿئي ٿي، انهي ۾ اهي به شامل آھن ، جيڪي رڳو پڙھي ۽ لکي سگھن ٿا، هن وقت اسان وٽ ٽرشري تعليم ( اعليٰ تعليم )  ۾ بھتري آئي آھي