سنڌ ۾ حياتي بچائڻ واريون دوائون اڻلڀ: هزارين مريض پريشان: صحت کاتو تماشائي بڻيل

آڪٽوبر 18, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ حياتي بچائڻ واريون دوائون اڻلڀ، هزارين مريض پريشان، صحت کاتو تماشائي بڻيل

ان حوالي سان مليل  ڄاڻ موجب گردي جي بيماري، هيپاٽائٽس اي، روبيلا، ارڙي ۽ ممپس جون ويڪسينون غائب ٿي ويون آهن، جڏهن ته ٽيٽنس جي علاج لاءِ ٽيٽنس امونوگلوبلين ۽ ڇتي ڪتي جي چڪڻ (ريبيز ) لاءِ لڳندڙ امونوگلوبولين به غائب ٿي وئي آهي

ان سلسلي ۾ طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته امونوگلوبولين کي ٽيٽنس جي انفيڪشن کي روڪڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي، بروقت ويڪسينيشن نه ٿيڻ  ڪري ٽيٽنس جا 30 کان 40 سيڪڙو ڪيس موت جي منهن ۾ وڃي سگهن ٿا جڏهن ته ڇتي ڪتي جي مريضن کي  ريبيز جي ويڪسينيشن سان گڏ امونوگلوبولين به ڏني وڃي ٿي

هوڏانهن پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي چيئرمين توقيرالحق جو چوڻ آهي ته دواساز ڪمپنيون ڪجهه دوائون مقامي سطح تي ٺاهي رهيون آهن، جڏهن ته امپورٽ ٿيندڙ دوائن جو مسئلو به جلد حل ڪيو ويندو

ٻئي طرف دوائون امپورٽ ڪندڙن جو چوڻ آهي ته اسان ڊريپ کي اگهه وڌائڻ لاءِ  لکي ڇڏيو آهي ، نيون قيمتون مقرر  ٿيڻ تائين اهي دوائون امپورٽ نٿا ڪري سگهن

Leave A Comment