| سنڌ ۾ خميس کان طوفان ۽ ڳڙي سان برسات جو امڪان |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ خميس 2 کان 4 اپريل تائين تيز هوا، گجگوڙ ۽ ڳڙي سان برسات جو امڪان، ان ڏس ۾ موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهه جي هوائن جو سلسلو پهرين اپريل کان بلوچستان جي ڏکڻ وارن علائقن ۾ داخل ٿيندو، 4 اپريل تائين ڪراچي، ٺٽو، بدين، ٿرپارڪر، حيدرآباد ۽ دادو ۾ برسات جو امڪان آهي، سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد، ڪشمور ۽ جيڪب آباد ۾ تيز هوا، گجگوڙ ۽ ڳڙي سان برسات جو امڪان آهي، هوڏانهن صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي الرٽ جاري ڪندي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن ۽ لاڳاپيل ادارن کي هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2 کان 4 اپريل تائين ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد، سکر، دادو، ڪشمور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، شهيد بينظيرآباد ۽ ٿرپارڪر ۾ برسات ۽ طوفان جو امڪان آهي. تيز هوائون ۽ آسماني بجلي ڪمزور ڍانچن، بجلي جي ٿنڀن ۽ بِل بورڊز ۽ سولر پينلز کي نقصان پهچائي سگھن ٿا شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته غيرضروري سفر کان پاسو ڪيو وڃي.