سنڌ ۾ خوراڪ کاتو ڪڻڪ خريداري شروع ڪرڻ ۾ ناڪام  

سنڌ ۾ خوراڪ کاتو ڪڻڪ خريداري شروع ڪرڻ ۾ ناڪام  

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪڻڪ خريداري وارو معاملو، خريداري سينٽرن جا انچارج مقرر ٿيا نه وري خريداري ٿي سگھي، خوراڪ واري وزير پاران ڪڻڪ خريداري جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس، خريداري بابت روزانو  رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم، ان حوالي سان ڪالهه خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب الزمان جي صدارت هيٺ ڪڻڪ خريداري بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي امڪاني پيداوار 45 لک ٽن آهي، سنڌ حڪومت 87 ارب رپين جي 10 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪندي. هن چيو ته صوبي ۾ 109 خريداري مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. هاري ڪارڊ ۽ بينڪنگ سسٽم ذريعي 48 ڪلاڪن اندر ادائيگي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته بارداني لاءِ هر 50 ڪلوگرام جي  ڪٽي تي هارين کي 60 رپيا الڳ ڏنا ويندا،  ڪنهن به حالت ۾ ڪڻڪ جي چوري، خرابي ۽ ملاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي.