سنڌ ۾ ربيع جي مند دوران آبادگارن کي ڊي اي پي ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو

سنڌ ۾ ربيع جي مند دوران آبادگارن کي ڊي اي پي ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ربيع جي مند 2026-27 دوران آبادگارن کي ڊي اي پي ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ بابت تجويزن تي غور جاري آهي. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ ڪابينا جي زراعت بابت قائم ذيلي ڪميٽي جو اجلاس زراعت واري وزير محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ۽ صوبائي وزير ذوالفقار شاھ ۽ مخدوم محبوب الزمان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران زراعت واري وزير محمد بخش مهر ڳالهائيندي چيو ته آبادگارن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزن ۽ آپشنز جو جائزو ورتو پيو وڃي. ذيلي ڪميٽي جي ميمبرن کان ڊي اي پي سبسڊي بابت وڌيڪ تجويزون پڻ طلب ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ڊي اي پي سبسڊي جي معاملي تي ذيلي ڪميٽي جا وڌيڪ هڪ يا ٻه اجلاس پڻ منعقد ڪيا ويندا. آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو ته ايندڙ اجلاسن ۾ ميمبرن جي تجويزن ۽ سفارشن کي حتمي شڪل ڏني ويندي، جڏهن ته ذيلي ڪميٽي جون حتمي سفارشون وڌيڪ اجلاسن کانپوءِ منظوري لاءِ سنڌ ڪابينا آڏو پيش ڪيون وينديون. صوبائي وزير ذوالفقار شاهه ۽ مخدوم محبوب الزمان چيو ته آبادگارن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ترجيح آهي.