سنڌ ۾ رڳو 90 ڌاڙيل ؟ مغوين جي وارثن کان ڀنگ اوڳاڙي دهشتگردي قرار: چورايل گاڏين جو واپار ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم

اپريل 22, 2024

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم)سنڌ سرڪار اسٽريٽ ڪرائيم جي روڪٿام لاءِ چوري يا ڦر ٿيل گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن توڙي سندن اسپيئر پارٽس خريد ڪندڙ دڪاندارن  خلاف ڪارروائي  ڪرڻ، ڌاڙيلن کي ٻنجو  ڏيڻ لاءِ وڌيڪ پوليس چوڪيون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي

وزيراعليٰ هائوس   ۾ ٿيل ايپڪس ڪاميٽي جي 31 ھين اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير مراد شاهه چيو ته اغوا ٿيلن ( (يرغمالين) جي گهرڀاتين کان ڀنگ گهرڻ کي دهشتگردن جي مالي مدد سمجهيو ويندو، ڀنگ جي رقم گڏ ڪرڻ ۾ سهولتڪاري ڪندڙن جي انٽيليجنس ذريعي نشاندهي ڪئي ويندي ته جيئن انهن کي ختم ڪري سگهجي

 اجلاس ۾ گهرو وزير ضياءَ لنجار ۽ آءِ جي غلام نبي ميمڻ بريفنگ ڏيندي چيو ته پوليسنگ ۾ بهتري سبب اسٽريٽ ڪرائيم ۾ گهٽتائي آئي آهي، خاص ڪري موبائيل فونن،  فور ويلر ۽ ٽو ويلر گاڏين جي چوري ۾ گهٽتائي آئي آهي،  جڏهن ته موٽرسائيڪلن جي ڦرلٽ وارن واقعن ۾ ٿورو اضافو ٿيو آهي

 2023  ۽ 2024 جي پهرين ٽن مهينن (جنوري کان اپريل) جا انگ اکر پيش ڪندي  ٻڌايو ويو ته چوري جي واقعن ۾گهٽتائي آهي. 2024 ۾ 15,345 موٽرسائيڪلون چوري ٿيون، جيڪي 2023 ۾ رپورٽ ٿيل 16,298 واقعن کان 953 واقعا گهٽ آهن

ساڳئي ريت فور ويلر گاڏين جي چوري ۾ 145 واقعن جي گهٽتائي ٿي، 2024 ۾ 520 گاڏيون چوري ٿيون، جڏهن ته 2023 ۾ 665 گاڏيون چوري ٿيون، موبائل فونن جي ڦرن  ۾ پڻ 1875 ڪيسن جي گهٽتائي آئي، 2024 ۾ 6,813 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 2023 ۾ انگ 8688 هو، 2023 ع ۾ 60 ۽ 2024ع  ۾ 80 موٽر سائيڪلون ڦر ٿيون

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسٽريٽ ڪرائيم جا 1613 واقعا  گهٽيا آهن، 2023ع ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جا 27680 ڪيس داخل ٿيا، جڏهن ته 2024ع ۾ اهو انگ گهٽجي 26067 ٿي ويو،  2024ع ۾ 467 پوليس مقابلا ٿيا، جن مقابلن ۾ 67 ڏوهاري مارجي ويا ۽ 489 زخمي ٿيا،  1766 گرفتار ٿيا

وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته شاهين فورس جي 386 موٽرسائيڪلن تي ٻڌل  اسڪواڊ کي فعال ڪري رش واري عرصي دوران نشاندهي ٿيل هاٽ اسپاٽ تي گشت لاءِ مقرر ڪيو وڃي، هر ايس ايس پي کي گشت پلان جاري ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گهرجي، اجلاس ۾ پوليس کاتي کي 15 مددگارکي بهتر ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي

اجلاس ۾گهرو وزير اعلان ڪيو ته پوليس فورس جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ 120 موٽر سائيڪلن سميت 168 گاڏيون شامل ڪيون وينديون ، وڏي وزير پوليس کي هدايت ڪئي ته ڏوهارين جي اي ٽيگنگ شروع ڪئي وڃي، انهي لاءِ 4000 ڊوائيسز سان پائلٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو وڃي

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ ڦر دوران قتل ۽ ڦرلٽ وارن ڪيسن جي جاچ لاءِ 67 جاچ آفيسر  مقرر ڪيا ويا آهن، انهي لاءِ اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ  کي فعال ڪيو ويو آهي

وڏي وزير آءِ جي کي سينٽرل پوليس آفيس ۾ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر کي اپ گريڊ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي، جتي هن وقت 2000 ڪيميرائون لڳل آهن، جڏهن ته 325 نيون ڪيميرائون لڳايون پيون وڃن،  500 پراڻين ڪيمرائن کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي ته جيئن حفاظتي قدمن کي وڌايو وڃي

اجلاس کي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ٻڌايو ته مون سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن جي سمورن ضلعن جو دورو ڪيو آهي، جتي ڌاڙيل وڏا مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جولاءِ 2022 کان سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪپ تي 107 پوليس چوڪيون قائم ڪيون آهن، جتي هن وقت 759 پوليس اهلڪار مقرر ٿيل آهن

هن چيو ته هني ٽريپ ( هرکجڻ ) ذريعي 567 ماڻهن کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو آهي، وڏي وزير  چيو ته سنڌو درياءِ جي کاٻي ڪپ کي محفوظ بڻايو ويو آهي، هاڻي شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعن کي محفوظ بڻايو ويندو

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جنوري کان 19 اپريل 2024ع تائين 118 ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو، جن مان 96 کي بازياب ڪرايو ويو، هن وقت  22 شهري يرغمال آهن

گهرو وزير اجلاس کي ٻڌايو  ته مون ڪشمور، شڪاپور، گهوٽڪي    جو دورو ڪيو آهي، جتي  رڳو 90 ڌاڙيل آهن، ڪچي ۾ 3000 پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، گهوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور ۾ 1000، 1000اهلڪار مقرر ڪيل آهن

هن وڌيڪ چيو ته هن آر پي او بهاولپور ۽ ڊي آءِ جي راجن پور سان پنجاب ۾ پوليس چوڪين جي قيام بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل تي ڪم تيز ڪيو وڃي

اجلاس کي ڊي جي رينجرز ٻڌايو ته پل جو تعميراتي ڪم ڪندڙ مزدورن جي سيڪيورٽي لاءِ رينجرز کي مقرر ڪيو ويو آهي، اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ گهرو وزارت 10 جوائنٽ چيڪ پوسٽن (جي سي پيز) جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جتي پوليس، رينجرز، ڪسٽم ۽ زراعت کاتي جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن

وڏي وزير چيو ته اهي چيڪ پوسٽون روڊ جي ٻنهي پاسن تي ٺاهيون وينديون، چيف ڪليڪٽر ڪسٽم سائوٿ اجلاس کي ٻڌايو ته جنوري کان اپريل تائين 5184 ملين رپين جو اسمگل ٿيل سامان هٿ ڪيو ويو آهي

آءِ جي پوليس اجلاس کي ٻڌايو ته پوليس پاران مختلف ڪاليجن/ يونيورسٽين ۾ منشيات کان بچڻ لاءِ آگاهي مهم شروع ڪئي آهي، گذريل ڪجهه مهينن دوران منشيات جا 164 ڪيس داخل ڪري 166 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو

Leave A Comment