سنڌ ۾ سانوڻي جو وسڪارو 2 ڏينهن جاري رهندو: موسميات کاتو

جُولاءِ 7, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ سانوڻي جو وسڪارو ايندڙ ٻن ڏينهن تائين جاري رهندو، ڪراچي ۾ گرمي شهرين جا لاهه ڪڍي ڇڏيا

 موسميات کاتي مطابق سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سانوڻي جي مند جو وسڪارو ايندڙ ٻن ڏينهن تائين جاري رهندو، جنهن دوران ٿرپارڪر، بدين، سانگهڙ، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، نوشهرو فيروز، شهيد بينظير آباد، گهوٽڪي ، ڪشمور ، جيڪب آباد، دادو، ڄامشوري سميت مختلف ضلعن ۾ ڪٿي تيز ۽ ڪٿي گهٽ برسات جو سلسلو جاري رهندو

 جنهن دوران گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ ڪٿي ڪٿي تيز هوائون پڻ گهلنديون، هوڏانهن ڪالهه ڪراچي ۾ سڄو ڏينهن سخت گرمي رهي، ڪجهه علائقن ۾ شام ڌاري جهڙ ڦر بعد موسم خوشگوار ٿي ويو،

Leave A Comment