سنڌ ۾ سزا ۽ جزا ناهي، پوليس پاڻ ماڻهو آزاد ڪرائي رهي آهي: سپريم ڪورٽ پاران آءِ جي طلب

سنڌ ۾ سزا ۽ جزا ناهي، پوليس پاڻ ماڻهو آزاد ڪرائي رهي آهي: سپريم ڪورٽ پاران آءِ جي طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ قتل جا ڪيس داخل ٿيڻ ۾ دير ۽ سنڌ ۾ پوليسنگ جي مجموعي صورتحال تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ سکر جيل ۾ قيد هڪ جوابدار جي جيل پٽيشن تي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس خيرپور ضلعي جي تعلقي ميرواهه ۾ پيش آيل قتل جي واقعي سان لاڳاپيل آهي، جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جوابدار نياز محمد کي موت جي سزا ٻڌائي هئي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سکر سرڪٽ بينچ پڻ اها سزا برقرار رکي هئي. ٻڌڻي دوران جسٽس هاشم ڪاڪڙ قتل جا ڪيس داخل ٿيڻ ۾ دير ۽ پوليس جي ڪردار تي سخت رمارڪس ڏيندي چيو ته ٻڌڻي هيٺ ڪيس ۾ قتل جي واقعي کان ٻن ڏينهن بعد ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان به پاسو ڪري ٿي. جسٽس هاشم ڪاڪڙ چيو ته سنڌ ۾ سزا ۽ جزا جو نظام ئي ناهي، سنڌ پوليس پاڻ ماڻهن کي بري ڪرائڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. اهڙي طريقي سان ته جانورن کي به نٿو ماريو وڃي. جسٽس صلاح الدين پنھور رمارڪس ڏيندي چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي جي صورتحال انتهائي خراب آهي. سپريم ڪورٽ معاملي جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي آءِ جي سنڌ کان علاوه ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي پڻ طلب ڪري ورتو. عدالت وڪيلن کي ڪيس جي وڌيڪ تياري ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت لاڳاپيل اختيارين کي ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ ۾ قتل جي داخل ڪيسن، جاچ ۽ پوليسنگ جي صورتحال بابت جواب ۽ وضاحت سان گڏ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. واضح رهي ته سکر جيل ۾ قيد جوابدار جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي، واقعو خيرپور ضلعي جي تعلقي ميرواهه ۾ پيش آيو هو. واقعي کانپوءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جوابدار نياز محمد کي موت جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سکر سرڪٽ بينچ پڻ سزا کي برقرار رکيو هو. اڪري چودڳي ۾ 9 جنوري 2011 تي 15 سالن جي نينگر وحيد بالادي کي قتل ڪيو ويو هو، پوليس ٻن ڏينهن بعد قتل جو ڪيس داخل ڪيو هو، ٺري ميرواهه جي عدالت جوابدار نياز محمد بالادي کي موت جي سزا ٻڌائي هئي