| سنڌ ۾ سڀاڻي تيز برسات سان گڏ ڳڙو پوڻ جا امڪان |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ سڀاڻي 6 اپريل تي تيز برسات سان گڏ ڳڙو پوڻ جا امڪان، موسميات کاتي نئون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهه وارين هوائن جي لهر اڄ کان بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، سکر، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن ۾ تيز هوا، گجگوڙ سان گڏ تيز برسات ۽ ڳڙو پوڻ جو به امڪان آهي، جڏهن ته ڄامشورو، دادو، قمبر، نوشهرو فيروز، شهيد بينظير آباد، سانگهڙ ميرپورخاص، مٽياري، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، ٺٽو، بدين، سجاول ضلعن ۾ به برسات جو وسڪارو ٿيندو، ڪراچي ڊويزن ۾ گجگوڙ سان هلڪي ۽ وچولي درجي جي برسات جو امڪان آهي