| سنڌ ۾ شاگردن جي حاضري چڪاسڻ لاءِ سڃاڻپ نمبر ڏيڻ جو فيصلو ، حاضري لاءِ ايپ به ٺهندي |
ڪراچي: سنڌ ڪابينا سنڌ فارمرز زرعي ڪليڪٽو ايڪٽ 2026 جي مسودي جي منظوري ڏيندي وسيلن جي گڏيل استعمال، جديد زرعي طريقن ۽ مارڪيٽ تائين بهتر رسائي لاءِ هارين جي اشتراڪ کي هٿي ڏيڻ طرف قدم وڌائي ڇڏيو. قانون سازي کان اڳ سفارشون آخري شڪل ڏيڻ لاءِ هڪ ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ زراعت، ورڪس ۽ قانون واري کاتي جا وزير شامل هوندا، سنڌ ڪابينا ڊجيٽل مهارتن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ، ٽيڪ ويلي پاڪستان سان 30 يونيورسٽين ۾ گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ جي 19,200 اسڪالرشپس لاءِ مفاهمت جي ياداشت ايم او يو جي منظوري ڏني. ترجمان موجب انھي قدم جو مقصد شاگردن کي اي آئي سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا اينالٽيڪس ۽ ڪلائوڊ ٽيڪنالاجيز ۾ تربيت فراهم ڪرڻ آهي. ڪابينا ريئل ٽائيم ڊيجيٽل مانيٽرنگ ذريعي اسڪول ڇڏيندڙ ٻارن جي شرح کي گهٽائڻ لاءِ اسٽوڊنٽ اٽينڊنس مانيٽرنگ اينڊ ريڊريس سسٽم جي توسيع جي به توثيق ڪئي. انهي سسٽم هيٺ شاگردن جي حاضري لاءِ کين سڃاڻپ نمبر ڏنو ويندو، حاضري سان ايپ ٺهندي، اسڪولن جا استادن پنهنجن موبائلن ذريعي حاضري موڪليندا. ڪابينا سنڌ انٽيگريٽيڊ هيلٿ اينڊ پاپوليشن پروگرام تحت ڳورهارين عورتن لاءِ ملٽي پل مائيڪرو نيوٽرينٽ سپليمنٽس جي خريداري لاءِ صحت کاتي ۽ يونيسيف جي وچ ۾ معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏني.