| سنڌ ۾ شاگردن جي داخلائن کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو فيصلو |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي داخلا واري نظام کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو فيصلو، هر شاگرد لاءِ منفرد داخلا آءِ ڊي تيار ڪئي ويندي، جنهن کي ب فارم سان ڳنڍيو ويندو. ان حوالي سان ڪالھ تعليم واري وزير سردار شاھ جي صدارت هيٺ نادرا اختيارين سان اجلاس ڪيو ويو. ان موقعي تي صوبائي وزير سردار شاھ چيو ته سنڌ جي اسڪولن ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌيڪ وسعت ڏني پئي وڃي. استادن ۽ شاگردن جي حاضري وارو نظام آخري مرحلي ۾ آهي. هن چيو ته هاڻي هر شاگرد جو داخلا نظام نادرا جي تصديق سان گڏ ڊجيٽل طور تي محفوظ هوندو.