| سنڌ ۾ صحت جو ڄار وڇايو اٿئون، اسان جو ڪو صوبو مقابلو نٿو ڪري سگهي: بلاول |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته اسان سنڌ ۾ صحت جو اهڙو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي، جو ڪو به صوبو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، فخر سان چوان ٿو ته اين آءِ سي وي ڊي کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي، گمس اسپتال جهڙيون سهولتون اڄ به لاهور جهڙي شهر ۾ به ناهن، ڪالهه هتي انڊس اسپتال جي نئين عمارت جو افتتاح ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو مسيحي برادري کي ڪرسمس جون واڌايون ڏيندي چيو ته سمورا مذهب چون ٿا ته بيمارن ۽ مجبورن جو خيال ڪرڻ گهرجي، آئون فخر سان چوان ٿو ته اسان سنڌ ۾ صحت جو نظام مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اسان ڪنهن صوبي سان نه پر عالمي سطح تي مقابلو ڪري رهيا آهيون، انڊس اسپتال ايندڙ ٽن سالن ۾ مڪمل ٿيڻ بعد پاڪستان جي سڀ کان وڏي نجي اسپتال هوندي. هن وڌيڪ چيو ته صحت جي ميدان ۾ سنڌ صوبي جو مقابلو ٻين صوبن نه پر عالمي دنيا سان آهي. هن چيو ته اٽو، لٽو ۽ اجهو نعرو نه پر منشور ۽ ذميواري آهي ته اسان غريبن جو وڌ کان وڌ خيال رکون، تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته انڊس اسپتال ايتري اسپيڊ سان ڪم ڪري ٿي جو اسان پوئتي رهجي ويندا آهيون، انڊس ۾ 30 سيڪڙو مريض لانڍي ۽ وڏو انگ بلوچستان ۽ پنجاب مان ايندو آهي.