سنڌ ۾ طوفاني برسات جو سلسلو جاري، سانگهڙ ۾ ڀت هيٺان دٻجي ٻارڙي فوت

مَي 30, 2023

ڪراچي( نمائندن وٽان) سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ٻئي ڏينهن به گجگوڙ سان برسات جو سلسلو جاري آهي، مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ هڪ ٻارڙي فوت ٿي وئي ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿيا آهن،ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند پيل آهي ته ڪٿي وري شهري رستن تي پاڻي بيهجي وڃڻ سبب پريشاني جو شڪار آهن

سانگھڙ شھر سميت آس پاس جي علائقن م طوفاني برسات سبب هيٺاهن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو

ڳوٺ عبدالڪريم وساڻ ۾ برسات سبب گهر جي ڀت ڪرڻ  سبب 5 ٻارڙا دٻجي ويا جن مان هڪ فو ٿي ويو، چئن کي بچايو ويو

ٽن ورهين جي وڌيا ڌيءَ  دودو ڀيل ڀت هيٺان دٻجي فوت ٿي وئي جڏهن ته چئن ٻارڙن کي بچايو ويو  جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي ۾ تيز طوفاني هوا سان گڏ هلڪي برسات بعد موسم وڻندڙ بڻجي وئي، آبادگارن جو چوڻ آهي ته هي وسڪارو فصلن لاءِ فائديمند آهي

هي به پڙهندا

ڇاڇري م به تيز وسڪاري کانپوءِ مرجهايل چهرا ٻهڪي پيا آهن، بوردر فارم ۾ به وسڪاري کانپوءِ آبادگارن ۾ فصل کي پاڻي ملڻ جي اميد پيدا ٿي وئي آهي

 ڇور ۾ به گجگوڙ سان مينهن جو سلسلو جاري آهي، گرمي جو زور ٽٽڻ تي شهرين سک جو ساهه کنيو آهي

ڀرياسٽي ۾ تيز برسات سبب زندگي جو ڪاروهنوار مفلوج بڻجي ويو آهي، انتظاميا جي پت به وائکي ٿي وئي آهي وسڪاري سبب شهر جي روڊن رستن تي پاڻي بيهجي وڃڻ سبب شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا ۽ بازارون به ديرسان کليون آهن

ڪشمور ۾ برسات زندگي جو ڪاروهنوار ڊانواڊول ڪري ڇڏيو آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي

شهر جي مسلم بازار، مراد واھ، لائين پراڻي، انڊس هاءِ وي روڊ، علمدار چوڪ ۽ ٻين ھنڌن تي بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب روڊ رستن تان گذرندڙ شھري توڙي ڪاروباري ماڻهو تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن

ڏيئي سان گڏ ڀروارن علائقن ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • گمبٽ ۾ هٿياربندن هٿان دڪاندار گولي هڻي زخمي

  • دوڙ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، ساهرن تي قتل جو الزام