اڄ ھڪ ڇرڪائيندڙ ۽ انتھائي حيرت انگيز خبر ملي آھي، جنھن کي ٻڌڻ کان پوءِ ائين لڳو ته ھيءَ سنڌ ھاڻ ارغونن ۽ ترخانن جي دور طرف ڌڪي وئي آھي، اھو سڀ ڪجھ پيپلز پارٽيءَ کي عوام جي لڳاتار چئين اليڪشنن ۾ ڏنل ووٽ جو نتيجو آھي پ پ پراڻي قبيلائي نظام کي واپس آڻڻ لاءِ ھر طرح جا حيلا ھلائي رھي آھي. قبيلائي نظام کي ٻيھر نافذ ڪرڻ ۽ آئيني ۽ جمھوري ادارا تباھ ڪرڻ لاءِ ان عوام جي ووٽ جو سھارو ورتو آھي، آئين ۾ 26ھين ۽ 27ھين ترميم ذريعي پھريان عدالتي نظام کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آھي ۽ ان کان پوءِ ڌاڙيل فيڪٽر کي مضبوط بڻائڻ لاءِ انھن لاءِ عام معافيءَ لاءِ اندرون خانا ھڪ خطرناڪ جڊيشل پاليسي تيار ڪئي وئي آھي، جنھن تحت جڊيشل مئجسٽريٽ، اسسٽنٽ سيشنس، ايڍيشنل سيشنس ۽ سيشنس ججن کي ھدايت ڪئي وئي آھي ته جن ڌاڙن، ڦرن، اغوائن ۽ قتل جي ڏوھارين لاءِ حڪومت عام معافيءَ جو اعلان ڪيو آھي، ان تحت صرف ھڪ ٻن ڪمزور شاھدن جا بيان رڪارڊ ڪري انھن کي شڪ جا فائدا ڏئي آزاد ڪندا وڃون. اھڙي جڍيشل پاليسي اچڻ کان پوءِ ججن ۾ عجيب ھيجاني ڪيفيت داخل ٿي وئي آھي، اھڙن فيصلن سان عدالتن ۽ ججن لاءِ عوام جي ڪھڙي راءِ قائم ٿيندي، ايڏي وڏي تعداد ۾ آزاد ڏوھاري سماج کي ڪيڏانهن وٺي ويندا، ان سان جيڪي متاثر سائل آھن، انھن ۾ بيچيني پئدا ٿيندي ۽ اپيليٽ عدالتن جي ججن ان پاليسيءَ کي نه مڃيو ۽ دليلن ۾ سندن فيصلا رد ٿيا يا ڪجھ عرصي کان پوءِ حڪومتي نظام ۾ تبديلي آئي ته اھڙي صورت ۾ ھو اھڙن ڪيل عدالتي گناھن جو ڪھڙو جواب ڏئي سگھندا؟
ھاڻ حڪمرانن جي ڪوشش اھا آھي ته عوام کي واپس قبيلائي نظام طرف وٺي وڃجي ۽ پراڻن فيصلن جو ڀوتارڪو نظام بحال ڪري سنڌ مان ذات پات ۽ قبيلائي نظام کي مضبوط ڪري سنڌي قوم کي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏجي ۽ سنڌ قبيلائي نظام جيان، مھر جاگير، جتوئي جاگير، چاچڙ جاگير، لنڊ جاگير، ابڙا جاگير، سبزوئي جاگير ۾ بدلجي وڃي ۽ ائين سنڌ جو نالو نشان نه رھي. `سنڌ جيئي، سنڌ وارا جيئن` جھڙن نعرن مان به جان ڇٽي ويندي. ٻيو جڏھن به اليڪشن ٿئي ته اميدوارن کي گھر گھر وڃڻ بدران وڏيرن کي گھرائي انھن کي حڪم ڪجي ته پنھنجي راڄ وارن کي چئو ته وڏيري نبن خان ۽ ڇلڻ خان کي ووٽ ڪن.
ھڪ جڊيشل آفيسر پنھنجو نالو ظاھر نه ڪرڻ جي شرط تي ھڪ ڇرڪائيندڙ خبر ٻڌائي آھي، اھا ھيءَ ته سيشنس ۽ ايڊيشنل سيشنس ججن کي ايڊوائيس موڪلي وئي آھي ته ھاڻ اڄ کان پوءِ ڪنھن به پوليس جي سپاھي، جمعدار، صوبيدار، ڊي ايس پي ۽ ايس پي خلاف ايف آء آر داخل ڪرائڻ لاءِ وٽن جيڪي سيڪشن 22 اي ۽ 22 بي تحت ايندڙ درخواستون نه ورتيون وڃن. مطلب ته ھاڻ پوليس کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آھي ته ڀوتار جنھن کي قتل ڪرائڻ چاھين، بنا خوف جي ان کي پوليس مقابلي ۾ ماريندا رھن، ائين سنڌ ۾ مڪمل قبيلائي نظام رائج ٿي ويندو ۽ ڪنھن ۾ به ھمت نه ٿيندي ته اھو حڪومتي پاليسين خلاف مزاحمت ڪري سگھندو ۽ نه ئي ڀوتارن جي حڪمن جي انحرافي ڪرڻ جي ئي ھمت ڪري سگھندو.اھڙي عدالتي پاليسيءَ اچڻ کان پوءِ شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪنڌڪوٽ- ڪشمور جي جڊيشل آفيسرن ۾ ھيجاني ڪيفيت طاري ٿي وئي آھي ته قتل، ڌاڙن، ڦرن ۽ اغوائن جھڙن سنگين ڏوھن جا مضبوط شاھد ڇڏي ڪمزور شاھدن جا بيان رڪارڊ ڪري انھن کي آزاد ڪري ايڏي وڏي گناھ جا سھولتڪار ڪيئن بڻجن!!!