سنڌ ۾ عورتون ۽ ٻارن غير محفوظ: ريپ ۽ گينگ ريپ جا 495 واقعا: ڪارنهن  170 حياتيون کسي ورتيون

سنڌ ۾ عورتون ۽ ٻارن غير محفوظ: ريپ ۽ گينگ ريپ جا 495 واقعا: ڪارنهن  170 حياتيون کسي ورتيون

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ ۾ عورتون ۽ ٻارن غير محفوظ، سال 2025 جي جنوري کان نومبر تائين ريپ جا 424 ۽ گينگ ريپ جا 70 ڪيس رپورٽ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پوليس رپورٽ ڪراچي ۾ ريپ جا 201، گينگ ريپ جا 51 واقعا رپورٽ ٿيا، سکر رينج ۾ ريپ جا 55 ۽ گينگ ريپ جا 3 ڪيس رپورٽ ٿيا، لاڙڪاڻي رينج ۾ ريپ جا 36 ۽ گينگ ريپ جا 3 ڪيس رپورٽ ٿيا، حيدرآباد ۾ ريپ جا 85 ۽ گينگ ريپ جا 10 ڪيس رپورٽ ٿيا، ميرپورخاص رينج ۾ ريپ جا 14 ۽ گينگ ريپ جا 2 واقعا رپورٽ ٿيا، شهيد بينظير آباد رينج ۾ ريپ جا 33 ۽ گينگ ريپ جو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو، هوڏانهن سال 2025 جي 11 مهينن دوران ڪارو ڪاري جي الزامن هيٺ عورتن سميت 170 ڄڻا قتل ڪيا ويا. پوليس رپورٽ موجب ڪارو ڪاري جي الزامن هيٺ صوبي ۾ 125 عورتن ۽ 45 مردن کي قتل ڪيو ويو، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 2025 ۾ ڪارو ڪاري جي الزامن هيٺ قتل جا 28 واقعا وڌيڪ رپورٽ ٿيا، گذريل سال قتل جا 142 واقعا رپورٽ ٿيا هئا، ڪارو ڪاري جي الزامن هيٺ قتل جي اڪثر ڪيسن ۾ مقتول عورتن جا ويجها مائٽ ملوث هئا، ڪارنهن جي 51 ڪيسن ۾ مڙس، 6 ڪيسن ۾ والد، 24 ڪيسن ۾ ڀائر ۽ 52 ڪيسن ۾ ٻيا مائٽ ملوث هئا، قتل جي واقعن ۾ ڪلاشنڪوف، شاٽ گن، رائفل، پسٽل، چاقو، ڪات ۽ ٻيا هٿيار استعمال ٿيا.