سنڌ ۾ عورتون ۽ ٻارن غير محفوظ: ريپ ۽ گينگ ريپ جا 495 واقعا: ڪارنهن  170 حياتيون کسي ورتيون

سنڌ ۾ عورتون ۽ ٻارن غير محفوظ: ريپ ۽ گينگ ريپ جا 495 واقعا: ڪارنهن  170 حياتيون کسي ورتيون

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ ۾ عورتون ۽ ٻارن غير محفوظ، سال 2025 جي جنوري کان نومبر تائين ريپ جا 424 ۽ گينگ ريپ جا 70 ڪيس رپورٽ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پوليس رپورٽ ڪراچي ۾ ريپ جا 201، گينگ ريپ جا 51 واقعا رپورٽ ٿيا، سکر رينج ۾ ريپ جا 55 ۽ گينگ ريپ جا 3 ڪيس رپورٽ ٿيا، لاڙڪاڻي رينج ۾ ريپ جا 36 ۽ گينگ ريپ جا 3 ڪيس رپورٽ ٿيا، حيدرآباد ۾ ريپ جا 85 ۽ گينگ ريپ جا 10 ڪيس رپورٽ ٿيا، ميرپورخاص رينج ۾ ريپ جا 14 ۽ گينگ ريپ جا 2 واقعا رپورٽ ٿيا، شهيد بينظير آباد رينج ۾ ريپ جا 33 ۽ گينگ ريپ جو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو، هوڏانهن سال 2025 جي 11 مهينن دوران ڪارو ڪاري جي الزامن هيٺ عورتن سميت 170 ڄڻا قتل ڪيا ويا. پوليس رپورٽ موجب ڪارو ڪاري جي الزامن هيٺ صوبي ۾ 125 عورتن ۽ 45 مردن کي قتل ڪيو ويو، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 2025 ۾ ڪارو ڪاري جي الزامن هيٺ قتل جا 28 واقعا وڌيڪ رپورٽ ٿيا، گذريل سال قتل جا 142 واقعا رپورٽ ٿيا هئا، ڪارو ڪاري جي الزامن هيٺ قتل جي اڪثر ڪيسن ۾ مقتول عورتن جا ويجها مائٽ ملوث هئا، ڪارنهن جي 51 ڪيسن ۾ مڙس، 6 ڪيسن ۾ والد، 24 ڪيسن ۾ ڀائر ۽ 52 ڪيسن ۾ ٻيا مائٽ ملوث هئا، قتل جي واقعن ۾ ڪلاشنڪوف، شاٽ گن، رائفل، پسٽل، چاقو، ڪات ۽ ٻيا هٿيار استعمال ٿيا.
 

2025ع بدامني جو سال: 1757 شهري قتل ٿيا

ڪراچي: ختم ٿيل سال 2025ع ۾ جنوري کان نومبر تائين صوبي ۾ جهيڙن جهٽن ۽ ٻين واقعن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 1757 شهرين کي قتل ڪيو ويو. پوليس رپورٽ موجب اغوا جا 5125 ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جا 70 واقعا رپورٽ ٿيا. اهڙي طرح 498 ٻار اغوا ڪيا ويا، بينڪن، پيٽرول پمپن، گهرن ۾ ڌاڙن، ڦرن ۽ هاءِ ويز تان ڦرلٽ جا مجموعي طور 5111 واقعا رپورٽ ٿيا. پوليس رپورٽ موجب 1428 ڪارون چوري ۽ 238 ڪارون ڦر ٿيون، ساڳئي ريت 12519 موٽر سائيڪلون چوري ۽ 5259 موٽر سائيڪلون ڦر ڪيون ويون، 496 جانور چوري ڪيا ويا.
 

عورتن تي تشدد، هراسان، اغوا ۽ قتل جي 1637 واقعا پيش  
 

ڪراچي: عورتن جي ڀلائي واري کاتي موجب سال 2025ع دوران سنڌ ۾ عورتن سان گهريلو ۽ صنفي تشدد، هراسان ڪرڻ، قتل، جنسي زيادتي ۽ اغوا سميت مجموعي طور 1637 واقعا رپورٽ ٿيا، عورتن سان سڀ کان وڌيڪ 276 واقعا شهيد بينظيرآباد ضلعي ۾ پيش  آيا. سنڌ ۾ عورتن خلاف گهريلو تشدد جا 517، هراسان جا 154، جڏهن ته غيرت جي نالي تي قتل ( ڪارنهن)  جا 23 واقعا رپورٽ ٿيا. عورتن سان جنسي زيادتي ۽ گينگ ريپ جا 55، قتل جا 24، گمشدگي ۽ اغوا جا 69 ڪيس داخل ٿيا. قانوني امداد لاءِ 84 عورتن رابطو ڪيو، خلع لاءِ 129، جڏهن ته ڏاج جي رقم ۽ سامان جي واپسي لاءِ 36 درخواستون وصول ٿيون. سال 2025ع دوران سنڌ ۾ ٻالڪپڻ جي شادي جو صرف هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو. کاتي جي ايمرجنسي هيلپ لائين 1094 تي مختلف نوعيت جون 1350 کان وڌيڪ ڪالون موصول ٿيون، جن مان 99 سيڪڙو شڪايتون فوري طور حل ڪيون ويون. صوبائي وزير  شاهينه شير علي چيو آهي ته وقت سر قدمن ۽ سخت سزائن سبب گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ سال 2025ع دوران عورتن سان ٿيندڙ واقعن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي.