| سنڌ ۾ فوتي ڪوٽا بحال: اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۾ ڀرتين جو فيصلو: داين جي ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ |
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ حڪومت پاران فوتي ڪوٽا بحال ڪرڻ جو فيصلو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته فوتي ڪوٽا جي سيپٽمبر 2024ع تائين وارن سمورن ڪيسز تي غور ڪري ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وڃن، ڪالهه وزير اعليٰ هائوس ۾ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اينٽي انڪروچمنٽ فورس کي فعال ڪري ڀرتين بابت قاعدن جي به منظوري ڏني وئي، فورس ۾ سموريون ڀرتيون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ميرٽ تي ڪرڻ جو فيصلو، ڪابينا ٿرپارڪر، ڄامشورو، ٺٽو، سجاول ۽ قمبر سان تعلق رکندڙ 94 ڪانٽريڪٽي ڪميونٽي مڊ وائيف ورڪرز جي مدي ۾ 30 جوان 2027ع تائين واڌ ڪري پگهارون جاري رکڻ جو به فيصلو ڪري ڇڏيو ، مارڪيٽ ڪميٽين کي پينشن ۽ رٽائرمينٽ مراعتن جي ادائگي يقيني بڻائڻ جو حڪم، سنڌ ڪابينا سنڌ بئنڪ جي بورڊ ۽ سي اي او جي ڪارڪرگي جي جاچ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، پوليس اسٽيشن کنڀڙا ۽ ايمرجنسي ڪئمپ لاءِ زمين جي منظوري ڏني وئي، روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن لاءِ فنڊز جي به منظوري، لياري ندي کي مورڙو مير بحر مان ٽي ايم سي لياري ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.ڪابينا فيصلو ڪيو ته فوتي ڪوٽا تحت اهي ڪيس، جن جون درخواستون سيپٽمبر 2024 کان اڳ داخل ڪيون ويون هيون، اهي گھربل شرطن تي پورا لهن ٿا ته پوءِ انهن درخواستن تي ميرٽ تي ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪابينا نوٽ ڪيو ته فوتي ڪوٽا پاليسي 2002 ۾ متعارف ڪرائي وئي هئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ذريعي فوتي ڪوٽا سان لاڳاپيل تمام قانوني دستاويزن کي امتيازي ۽ قانون جي خلاف قرار ڏنو هو. جنهن بعد حڪومت ان فيصلي جي پيش نظر فوتي ڪوٽا جي ڪيسن تي ڪارروائي روڪي ڇڏي هئي. تفصيلي ويچار کانپوءِ ڪابينا منظوري ڏني ته سيپٽمبر 2024 کان اڳ داخل ڪيل فوتي ڪوٽا جي ڪيسن تي قانون مطابق غور ڪري سگهجي ٿو ۽ لاڳاپيل کاتن پاران ميرٽ تي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. ڪابينا لياري ندي کي مورڙو ميربحر کان واپس وٺي باضابطه طور تي ٽي ايم سي لياري جي انتظام هيٺ ڏئي ڇڏيو.ـ ڪابينا واضح ڪيو ته زرعي مارڪيٽ ڪاميٽين جي پينشن جون رهتون سندن پنهنجن وسيلن مان پوريون ڪيون وينديون، مالي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ رهيل رقم لاءَ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي . ڪابينا پاران شفافيت ۽ مالي نگراني کي بهتر بڻائڻ لاءِ سنڌ بينڪ ذريعي شين جي درآمد لاءِ ليٽرز آف ڪريڊٽ (ايل سيز) کولڻ ۽ پروسيس ڪرڻ جي نئين طريقيڪار جي منظوري ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايل سي سان لاڳاپيل مٽاسٽا کي سنڌ بئنڪ ذريعي منتقل ڪرڻ سان بهتر نگراني يقيني بڻائي سگهبي، عوامي فنڊن جي پکيڙ کي گهٽ ڪري سگهبو، انهي سان غير ضروري چارجز ۽ ايڪسچينج سان لاڳاپيل اهي فائدا به گهٽ ٿيندا، جيڪي اڳ ۾ خانگي بئنڪن کي حاصل ٿيندا هئا. وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ حڪومت جي تمام کاتن، خودمختار ادارن ۽ گرانٽ حاصل ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي درآمدات سان لاڳاپيل ايل سيز کي سنڌ بئنڪ ذريعي پروسيس ڪن ته جيئن ڪارڪردگي، شفافيت ۽ بهتر مالي نظم و ضبط کي يقيني بڻائي سگهجي. سنڌ ڪابينا 31 ڊسمبر 2024 ۽ 2025 تي ختم ٿيندڙ سالن لاءِ سنڌ بئنڪ لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز، بورڊ ڪاميٽين، انفرادي ڊائريڪٽرز ۽ صدر/سي اي او جي ڪارڪردگي جي جاچ جي منظوري ڏني، جيڪا هڪ آزاد فرم پاران ڪئي وئي هئي. ان جائزي ۾ بئنڪ جي مجموعي گورننس کي “تمام سٺي / نمايان طور تي اطمينان بخش” قرار ڏنو ويو، سنڌ ڪابينا بورڊ آف روينيو جي انتظامن ھيٺ ڪم ڪندڙ اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي ڀرتي جي قاعدن جو مسودو منظور ڪري ورتو، اهي قاعدا بي پي ايس-01 کان بي پي ايس-19 تائين جي عهدن لاءِ مقررين جو طريقو، قابليت، ترقين ۽ سروس جي شرطن جو تعين ڪن ٿا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2010 ۾ قيام کان وٺي اينٽي انڪروچمينٽ فورس بنا ڪنهن مخصوص ڀرتي جي قاعدن جي ڪم ڪري رهي هئي اها پوليس جي قاعدن تي هلي رهي هئي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته عوامي ملڪيتن جي تحفظ، حددخلين جي خاتمي ۽ صوبي ۾ قانون جي حڪمراني برقرار رکڻ ۾ ضلعي انتظاميا جي مدد لاءِ هڪ منظم ۽ پروفيشنل فورس ضروري آهي.