سنڌ ۾ فوتي ڪوٽا جا 2000 ڪيس پينڊنگ: سرڪار پاران رڳو 130 نوڪريون ڏيڻ جو فيصلو

سنڌ ۾ فوتي ڪوٽا جا 2000 ڪيس پينڊنگ: سرڪار پاران رڳو 130 نوڪريون ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي سمورن سرڪاري کاتن ۾ فوتي ڪوٽا وارين نوڪرين جا 2 هزار کان وڌيڪ ڪيس ڪيترن ئي سالن کان پينڊنگ پيل، سرڪار پاران رڳو عدالت ويندڙ 130 اميدوارن کي نوڪريون ڏيڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ فوتي ڪوٽا هيٺ تحت سرڪاري نوڪرين جي انتظار ۾ ويٺل 2 هزار کان وڌيڪ اميدوارن جون درخواستون مختلف کاتن ۾ پينڊنگ ۾ پيل آهن، تازو پٽيشن داخل ڪرائيندڙ 130 اميدوارن کي سرڪار فوتي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته عدالت نه ويندڙ اميدوارن کي فوتي ڪوٽا تحت نوڪرين کان محروم رکيو ويو آهي. هوڏانهن عدالتي فيصلو اچڻ کانپوءِ سروسز کاتي جي سيڪريٽري سرڪيولر جاري ڪندي سمورن سيڪريٽرين کي پابند ڪيو آهي ته فوتي ڪوٽا جي ڪنهن به ڪيس کي پراسيس نه ڪيو وڃي، سرڪيولر ۾ چيو ويو آهي ته رڳو عدالتي فيصلي ۾ شامل پٽينشنرن (اميدوارن) جو معاملو اڳتي وڌايو وڃي، سرڪيولر موجب فوتي ڪوٽا بابت سنڌ ڪابينا جي پاليسي تي عمل ڪيو وڃي.
 

ڪراچي: سنڌ پوليس جي ويٽنگ اميدوارن جي ريلي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس جي 2024ع جي ويٽنگ اميدوارن آفر آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ڪيمپ کان  ريڊ زون طرف ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي، ان موقعي   تي مظفر جوکيو، آغا فاروق، زاهد حسين، تنوير لغاري ۽ شاهه بخش مزاري هن وقت تائين 16 هزار کان وڌيڪ ويٽنگ اميدوارن کي آفر آرڊر جاري نه ٿي سگهيا آهن. هنن چيو ته 40 کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪندڙ سڀني ويٽنگ اميدوارن کي فوري طور تي آفر آرڊر جاري ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.
 

تعليم ۽ صحت کاتن ۾ فوتي ڪوٽا ڪيسن جي ڀرمار
 

ڪراچي: تعليم ۽ صحت کاتن ۾ فوتي ڪوٽا تحت پينڊنگ ڪيسن جو انگ ٻين کاتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. ذريعن موجب ته سنڌ جي ٻين سمورن سرڪاري کاتن جي ڀيٽ ۾ تعليم ۽ صحت کاتن ۾ فوتي ڪوٽا تحت سرڪاري نوڪريون وٺڻ لاءِ اميدوارن پارن وڏي تعداد ۾ درخواستون جمع ڪرايون ويون آهن
 

ايمپلائيز اڳواڻن جي چيف سيڪريٽري سان ملاقات: احتجاج چتاءُ
 

ڪراچي: ايمپلائيز اڳواڻن جي چيف سيڪريٽري سان ملاقات، فوتي ڪوٽا هيٺ نوڪريون نه ڏيڻ جي صورت ۾ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ان حوالي سان آل سنڌ ايريگيشن ايمپلائيز يونين جي اڳواڻ عبدالرحيم ڀارو “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته اسان فوتي ڪوٽا تحت ڪيس اُڪلائڻ لاءِ چيف سيڪريٽري سان ملاقات ڪئي پر سنڌ حڪومت فوتي ڪوٽا جا جمع ٿيل هزارين ڪيس اُڪلائڻ لاءِ تيار ناهي، هن چتاءُ ڏيندي چيو  ته جيڪڏهن فوتي ڪوٽا تحت اميدوارن کي نوڪريون نه ڏنيون ويون ته سڄي سنڌ ۾ تحريڪ هلائينداسين.