سنڌ ۾ هاڻي صورتحال رڳو بدامنيءَ جي نه رهي آهي، پر قانون جي عملي طور مفلوج ٿيڻ جي حد تائين پهچي چڪي آهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ سنڌ ۾ قانون هائبرنيشن ۾ هليو ويو هجي ۽ ڏوهارين کي کليل ميدان ڏنو ويو هجي. ڌاڙا، ڦرون، اغوا، قتل، عورتن سان اجتماعي زيادتيون، خوني تڪرار، پوليس چوڪين تي حملن ۽ پوليس تحويل مان خطرناڪ ڏوهارين جي فرار جا واقعا هڪ ٻئي پٺيان سامهون اچي رهيا آهن، پر حڪومتي ترجمانن جا بيان ٻڌي ائين لڳي ٿو ڄڻ سنڌ ۾ امن جو راڄ هجي ۽ عوام ڪنهن خوشحال، محفوظ ۽ پرامن سماج ۾ زندگي گذاري رهيو هجي!هي ڪهڙو امن آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت لاءِ هر وقت خوف ۾ مبتلا هجن؟ هي ڪهڙي حڪمراني آهي، جنهن ۾ مغوي سالن تائين ڏوهارين جي قبضي ۾ رهن ۽ رياست انهن کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي؟ فضيلا سرڪي، پريا ڪماري، اجالا پروين سولنگي ۽ ٻين معصوم مغوين جا ڪيس حڪومتي دعوائن جي کليل ترديد آهن. اهي نالا صرف گم ٿيل ٻارڙين جا نالا ناهن؛ اهي رياستي نااهلي، انتظامي بي حسي ۽ قانون جي ڪمزور گرفت جا زنده ثبوت بڻجي چڪا آهن. سوال اهو آهي ته آخر انهن معصوم ٻارين ۽ ٻين مغوين جي بازيابيءَ ۾ ڪهڙي طاقت رڪاوٽ بڻيل آهي؟ جيڪڏهن پوليس ۽ انتظاميا وٽ وسيلن جي کوٽ آهي ته سالن کان بجيٽون ڪهڙي ڪم لاءِ وڌايون وڃن ٿيون؟ جيڪڏهن ڏوهارين خلاف ڪارروائي ممڪن ناهي ته پوءِ حڪومت جون سموريون دعوائون ڪهڙي بنياد تي آهن؟ ۽ جيڪڏهن ڏوهارين خلاف ڪارروائي ممڪن آهي ته پوءِ ايترا ماڻهو اڃا تائين مغوي ڇو آهن؟ سنڌ ۾ خوني تڪرار ڪيترن ئي خاندانن جون پيڙھيون کائي رهيا آهن. معمولي ڳالهين تان هٿيار کڄن ٿا، ماڻهو ماريا وڃن ٿا ۽ علائقا خوف جي ور چڙهن ٿا. رياست جو ڪم صرف لاش کڻڻ، ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ روايتي مذمتي بيان جاري ڪرڻ ناهي. رياست جو ڪم قتل ٿيڻ کان اڳ شھرين کي تحفظ ڏيڻ آهي. جيڪڏهن حڪومت هر خونريزيءَ کان پوءِ جاڳي ٿي ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري سمهي پوي ٿي ته اها حڪمراني نه، پر انتظامي تماشو آهي.
منتظمين کي هاڻي انگن اکرن جي پردي پٺيان لڪڻ بند ڪرڻو پوندو. امن امان جو اندازو سرڪاري پريس رليزن مان نه، پر عوام جي خوف يا اطمينان مان لڳندو آهي. جيڪڏهن ماڻهو شام کان پوءِ سفر ڪرڻ کان ڊڄن، والدين پنهنجن ٻارن جي حفاظت بابت پريشان رهن، واپاري ڦر جي خوف ۾ ڪاروبار ڪن ۽ خاندان پنهنجن پيارن جي اغوا ٿيڻ کان خوفزده هجن ته پوءِ سرڪاري دعوائن جي ڪا به حيثيت نٿي رهي. سنڌ کي اهڙي حڪمراني نه گهرجي، جيڪا ڏوهارين جي طاقت آڏو خاموش ۽ عوام جي دانهن آڏو ٻوڙي بڻجي وڃي. عوام کي اهڙي پوليس نه گهرجي، جيڪا واقعي کان پوءِ پهچي؛ اهڙي انتظاميا نه گهرجي، جيڪا هر سانحي کان پوءِ جاچ ڪميٽي ٺاهي؛ ۽ اهڙي انتظاميا نه گهرجي، جيڪا هر ناڪاميءَ کي ”بهتر صورتحال“ جو نالو ڏئي.
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دعويٰ نه، جواب ڏنو وڃي؛ بيان نه، نتيجا ڏنا وڃن؛ ۽ ناڪاميءَ کي لڪائڻ بدران ذميوارن جو احتساب ڪيو وڃي. مغوين جي بازيابي، ڏوهارين جي خاتمي، خوني تڪرارن جي روڪٿام ۽ پوليس جي ناڪامين جو حساب عوام آڏو رکيو وڃي. ڇاڪاڻ ته جڏهن قانون سمهي پوي ۽ ڏوهاري جاڳندا رهن، جڏهن مظلوم دانهن ڪندا رهن ۽ حڪمران دعوائون ڪندا رهن، جڏهن معصوم ٻارڙيون سالن تائين مغوي رهن ۽ اقتدار جا ايوان پاڻ کي ڪامياب قرار ڏين، تڏهن سوال رڳو امن امان جو نه رهندو آهي؛ سوال رياست جي رٽ، حڪمراني جي اهليت ۽ عوام سان حڪمرانن جي سنجيدگي جو بڻجي ويندو آهي. سنڌ جي موجوده صورتحال کي هاڻي نرم لفظن ۾ لڪائي نٿو سگهجي. هي انتظامي ناڪاميءَ جو کليل مظهر آهي، قانون جي ڪمزور گرفت جو ثبوت آهي ۽ حڪمرانيءَ جي سنگين بحران جو اعلان آهي.