| سنڌ ۾ قلم 144 ۾ مهينو واڌ، مظاهرن ۽ ٻيلهه سواري تي پابندي |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار سموري سنڌ صوبي اندر قلم 144 ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪري ڇڏي، 144 قلم ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب حضرت امام حسين عليه اسلام جي چاليهي کي صوبائي سطح تي محفوظ ۽ پر امن بڻائڻ آهي، سموري صوبي ۾ وال چاڪنگ، احتجاجي مظاهرن، ڌرڻن ۽ ريلين تي پابندي برقرار رهندي، پهرين آگسٽ 2026 کان ايندڙ هڪ مهيني تائين قلم 144 تحت پابنديون لاڳو رهنديون، گهرو وزير جو چوڻ آهي ته قلم 144 تحت هٿيارن جي نمائش ۽ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به مڪمل پابندي هوندي، عوامي هنڌن تي هٿيارن جي نمائش ۽ خوف حراس پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊ کي ڊيوٽي دوران کلي عام هٿيارن جي نمائش کان روڪيو ويو، حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گاڏي ۾ سفر دوران به سيڪيورٽي گارڊ جو اسلحو نمايان نه هجڻ گهرجي، قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانون مطابق سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، لاڳاپيل ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي قلم 144 جي خلاف ورزي تي قلم 188 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو اختيار هوندو، گهرو وزير چيو آهي ته اما امان جو قيام، قانون جي بالادستي ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو.