سنڌ ۾ لاڪ ڊائون؟ وزيرعليٰ جا واپارين سان مشورا: وڌيڪ ڀاڙا وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪبي: مراد شاهه     

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون؟ وزيرعليٰ جا واپارين سان مشورا: وڌيڪ ڀاڙا وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪبي: مراد شاهه     

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه  چيو آھي ته  مارڪيٽون بند ڪرڻ جو وقت مقرر جي حوالي سان واپاري تنظيمن سان  مشاورت ڪئي آهي، واپارين  پنهنجون تجويزون پيش ڪيون آهن، جن تي حتمي فيصلي کان اڳ وفاقي حڪومت سان مشاورت ڪئي ويندي. وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ هر رجسٽرڊ موٽر سائيڪل مالڪ کي ماهوار 2 هزار روپيا فراهم ڪيا ويندا جيڪي لڳ ڀڳ 20 لٽر ٻارڻ تي سبسڊي جي برابر هوندا. وڏي وزير واضح ڪيو ته صرف اهي موٽر سائيڪلون رليف جون اهل هونديون جيڪي مالڪ جي پنهنجي نالي تي رجسٽرڊ هونديون، ايسڪائيز کاتي آن لائين تصديق ۽ رجسٽريشن جو نظام متعارف ڪرايو آهي جنهن ذريعي شهري ڊجيٽل درخواست ڏئي سگهن ٿا. درخواست گذارن کي پنهنجو قومي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ۽ بينڪ اڪائونٽ درج ڪرڻو پوندو،حڪومت موٽر سائيڪل جي نالي جي  منتقلي تي لاڳو 500 روپيا في پڻ ختم ڪري ڇڏي آهي، سڄي سنڌ ۾ ايڪسائيز آفيسون ايندڙ 15 ڏينهن تائين صبح 8 کان رات 12 وڳي تائين (ڇنڇر ۽ آچر سميت) کليل رهنديون. درخواست گذارن جي رهنمائي لاءِ 021-111-374-634 تي هڪ هيلپ لائين پڻ قائم ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته حڪومت ٽرانسپورٽرن کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي هنن ڀاڙن ۾ اضافو نه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. صوبي ۾ ڀاڙا  28 فيبروري 2026 جي سطح تي برقرار رهندا، هن چيو ته  سنڌ ۾ هن وقت 11 هزار نجي بسون ۽ 470 سرڪاري بسون هلي رهيون آهن. حڪومت صرف سرڪاري ٽرانسپورٽ تائين رليف محدود ڪرڻ بدران صوبي ۾ ڀاڙي کي منجمد رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ 3 کان 4 ارب رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي. وڏي وزير خبردار ڪيو ته وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وڏي وزير اعلان ڪيو ته 3 ارب رپين جو هاري سبسڊي پروگرام پڻ هن هفتي شروع ڪيو پيو وڃي جنهن تحت ننڍن آبادگارن کي مالي سهائتا فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته بائيڪ سبسڊي تي 13.4 ارب ، ٽرانسپورٽ سبسڊي تي (وفاقي حڪومت جي تعاون سان) 14.3 ارب رپيا ماهوار، ڀاڙن جي استحڪام لاءِ 3 کان 4 ارب رپيا ۽ ھارين لاءِ 3 ارب روپيا رکيا ويا آهن. ھن چيو ته ٽرانسپورٽرن ۽ 25 واپاري تنظيمن سان مشاورت ڪئي آهي، جن مان اڪثر حڪومتي قدمن جي حمايت ۽ تعاون تي آمادگي ظاهر ڪئي آهي. هن چيو ته ٻن تنظيمن کانسواءِ 25 واپاري تنظيمن پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي خلاف احتجاج ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته باقي تنظيمون علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڻمرادو پنهنجو احتجاج ختم ڪري ڇڏينديون.