سنڌ ۾ ماءُ لاءِ 3 سالن تائين ٿڃ پيارڻ لازمي قرار

جُون 6, 2023

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت سنڌ ۾ ماءُ لاءِ 3 سالن تائين ٻار کي ٿڃ پيارڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته هندو ميريج ايڪٽ ۾ ترميمن جي منظوري ڏني وئي

ان حوالي سان ڪالهه سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد  مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو جي سفارش تي 2 ارب رپين جي لاڳت سان 30 موبائل ميڊيڪل وين (گاڏين) ۽ 5 موبائيل ليبارٽرين سميت 60 ايمبولينسون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي

 صحت واري وزير عذرا پيچوهو اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته موبائيل ميڊيڪل يونٽ انهن هنڌن تي استعمال ڪيا ويندا، جتي طبي سهولتون محدود يا اڻپوريون هونديون. انهن ايمبولينسن کي ريسڪيو 1122 ۾ شامل ڪيو ويندو

سنڌ ڪابينا سنڌپروٽيڪشن اينڊ پروموشن آف بريسٽ فيڊنگ اينڊ ينگ چائلڊ نيوٽريشن ايڪٽ 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

ان ڏس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا چيو ته 36 مهينن تائين جي ڄمار  وارن ٻارن لاءِ محفوظ ۽ مناسب غذائيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ امڙ جي ٿڃ پياري وڃي

 هن چيو ته نئين ايڪٽ تحت سنڌ حڪومت پاران صحت بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي صدارت هيٺ 22 رڪني بورڊ قائم ڪيو ويندو، جيڪو ضابطن جو مسودو تيار ڪرڻ سان گڏ ٻارن جي کاڌ خوراڪ لاءِ معياري شين جي سفارش ڪندو

 هوڏانهن اقليتي معاملن واري وزير گيانچند ايسراڻي پاران هندو ميريج ايڪٽ جو مسودو ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويو. ڪابينا نشاندهي ڪئي ته عدالت ميريج ايڪٽ لاءِ گائيڊ لائينون ڏنيون آهن

ڪابينا ايڪٽ ۾ ترميم بابت ايڪسائيز وارو وزير مڪيش چاولا، اقليتي معاملن واري وزير گيان چند ايسراڻي، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي آهي

 اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندي ٻڌايو ته ٽرانسپورٽ کاتو ڪراچي لاءِ وڌيڪ 500 بسون خريد ڪري پبلڪ بس سروس ۾ اضافو ڪرڻ چاهي ٿو،  هن چيو ته شهر جي ٽرانسپورٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ 13 کان 15 هزار بسون گهربل آهن، هن وقت پيپلز بس جون 1039 بسون روٽ تي هلي رهيون آهن، هن وقت 8961 بسن جي کوٽ آهي

 شرجيل ميمڻ پاران  ڪراچي لاءِ 200 اليڪٽرڪ ٽيڪسين جي ٻي تجويز به ڏني، جن مان 50 ٽيڪسيون عورتن لاءِ گلابي ٽيڪسين طور هلنديون. ڪابينا ٽرانسپورٽ کاتي کي بسن ۽ ٽيڪسين جي فزيبلٽي تيار ڪري پلاننگ کاتي کي ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

Leave A Comment