دنيا جي تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي، صنعتي ترقي ۽ توانائي جي وڌندڙ گهرج سبب روايتي ٻارڻ جهڙوڪ: تيل، گئس ۽ ڪوئلي تي دارومدار هاڻي نه رڳو معاشي طور مهانگو ٿي ويو آهي، پر ماحولياتي تباهي جو به هڪ وڏو سبب بڻجي رهيو آهي. موسمياتي تبديلي، وڌندڙ گرمي پد، ٻوڏون، ڏڪار ۽ سامونڊي سطح ۾ اضافي جهڙا مسئلا انسان کي مجبور ڪري رهيا آهن ته هو صاف، سستي ۽ پائيدار توانائي جا نوان ذريعا اختيار ڪري. اهڙن ذريعن مان هوا ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ هڪ انتهائي اهم ۽ تيزي سان ترقي ڪندڙ ٽيڪنالاجي آهي. پاڪستان، خاص طور تي سنڌ، جاگرافيائي لحاظ کان اهڙن علائقن تي مشتمل آهي، جتي سال جي وڏي حصي دوران مناسب رفتار سان هوائون هلنديون رهن ٿيون، تنهن ڪري هتي مائيڪرو ونڊ ٽربائنز جي استعمال جا وسيع امڪان موجود آهن.
فضائي دٻاءُ (Atmospheric Pressure) هوا جي وزن کي چيو ويندو آهي جيڪو زمين جي مٿاڇري تي اثرانداز ٿئي ٿو. فزڪس جو بنيادي اصول ٻڌائي ٿو ته هوا هميشه وڌيڪ دٻاءَ واري علائقي کان گهٽ دٻاءَ واري علائقي ڏانهن وهندي آهي. جڏهن ٻن علائقن جي وچ ۾ دٻاءَ جو فرق وڌي وڃي ٿو ته هوا جي رفتار به وڌي ويندي آهي. اهو ئي اصول سامونڊي هوائن، موسمي نظامن ۽ ڪيترن قدرتي هوائي وهڪرن جو بنياد آهي. تنهن هوندي به، سائنسي لحاظ کان اهو به ياد رکڻ ضروري آهي ته رڳو گهٽ فضائي دٻاءُ هجڻ سان بجلي جي پيداوار پاڻمرادو وڌيڪ نه ٿيندي، ڇاڪاڻ تہ اوچائيءَ وارن هنڌن تي هوا جي گھاٽائي گهٽ هوندي آهي. ان ڪري ونڊ ٽربائن جي ذڪارڪردگي هوا جي رفتار، هوا جي گھاٽائي، مقامي جاگرافي ۽ ٽربائن جي ڊيزائن جي گڏيل اثر تي دارومدار رکي ٿي.
مائيڪرو ونڊ ٽربائن اصل ۾ ونڊ ٽربائن جو ننڍو روپ آهي، جيڪو گهرن، اسڪولن، صحت مرڪزن، زرعي فارمن ۽ ننڍن ڪاروبارن لاءِ بجلي پيدا ڪرڻ جي مقصد سان تيار ڪيو ويندو آهي. انهن جو وزن نسبتاً گهٽ هوندو آهي ۽ انهن جا بليڊ اهڙي نموني ٺاهيا ويندا آهن جو اهي نسبتاً گهٽ رفتار واري هوا ۾ به حرڪت شروع ڪري سگهن. انهن جي تنصيب لاءِ وڏي زمين يا تمام وڏي سيڙپڪاري جي ضرورت نه هوندي، تنهن ڪري اهي ڳوٺاڻن ۽ پٺتي پيل علائقن لاءِ هڪ مناسب متبادل بڻجي سگهن ٿا.
سنڌ جي جاگرافي مائيڪرو ونڊ ٽربائنز لاءِ انتهائي موزون سمجهي وڃي ٿي. سامونڊي پٽي، ٿر جو ريگستان، کليل ميدان ۽ ڪجهه جابلو علائقا اهڙا آهن جتي سال جي مختلف موسمن ۾ مناسب رفتار سان هوائون هلنديون رهن ٿيون. خاص طور تي ٿرپارڪر، بدين، ٺٽو، سجاول، ڪيٽي بندر، ڄامشورو ۽ ڪراچي جي سامونڊي ۽ کليل علائقن ۾ مائيڪرو ونڊ ٽربائنز ذريعي مقامي سطح تي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. ڪيترائي ڳوٺ اهڙا آهن، جتي قومي گرڊ تائين رسائي محدود آهي يا بجلي جي فراهمي غير يقيني آهي. اهڙين حالتن ۾ مقامي سطح تي پيدا ٿيندڙ صاف توانائي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ نمايان تبديلي آڻي سگهي ٿي.
زرعي شعبي ۾ به مائيڪرو ونڊ ٽربائنز جو استعمال وڏي اهميت رکي ٿو. سنڌ جي معيشت جو وڏو حصو زراعت سان وابسته آهي. جيڪڏهن هوا مان حاصل ٿيندڙ بجلي ذريعي پاڻي جا پمپ، ڊرپ ايريگيشن سسٽم، زرعي مشينون، ٿڌا گودام ۽ ننڍا زرعي ڪارخانا هلن ته هارين جا خرچ گهٽجي سگهن ٿا ۽ پيداوار ۾ به اضافو اچي سگهي ٿو. اهڙي طرح ڊيزل تي هلندڙ پمپن جي ضرورت گهٽ ٿيندي، جنهن سان ٻارڻ جي درآمد تي خرچ ۽ ماحولياتي گدلاڻ ٻنهي ۾ گهٽتائي ايندي.
مائيڪرو ونڊ ٽربائنز جا ماحولياتي فائدا پڻ انتهائي اهم آهن. اهي بجلي پيدا ڪرڻ دوران ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ يا ٻيون زهريليون گيسون خارج نٿا ڪن. ان ڪري هوا جي آلودگي گهٽ ٿئي ٿي ۽ موسمياتي تبديلي جي رفتار کي گهٽائڻ ۾ مدد ملي ٿي. جيڪڏهن سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ هزارين ننڍيون ونڊ ٽربائنز لڳايون وڃن ته اهو نه صرف ماحول دوست قدم هوندو، پر ملڪ جي توانائي جي نظام کي به وڌيڪ محفوظ ۽ پائيدار بڻائي سگهندو.
اقتصادي نقطه نظر کان به هي ٽيڪنالاجي فائديمند آهي. جيتوڻيڪ شروعاتي تنصيب تي ڪجهه خرچ ايندو، پر ان کان پوءِ ڪيترن ئي سالن تائين گهٽ خرچ سان بجلي حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان سان بجلي جا بل گهٽجي سگهن ٿا، ننڍا ڪاروبار وڌي سگهن ٿا، مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ ونڊ ٽربائنز جي تياري، تنصيب ۽ مرمت سان لاڳاپيل صنعتن کي پڻ هٿي ملي سگهي ٿي.
البته ڪجهه چئلينج به موجود آهن. هر هنڌ هوا جي رفتار مناسب نه هوندي آهي، ڪيترن علائقن ۾ فني ڄاڻ جي کوٽ آهي، معياري سامان آساني سان دستياب ناهي ۽ سار سنڀال لاءِ تربيت يافته عملي جي ضرورت پوندي آهي. ان کان علاوه، هر منصوبي کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال تائين هوا جي رفتار، رخ ۽ موسمي حالتن جو سائنسي جائزو وٺڻ ضروري آهي، جيئن سيڙپڪاري صحيح هنڌ تي ڪئي وڃي.
انهن مسئلن جي حل لاءِ حڪومت، يونيورسٽين، تحقيقاتي ادارن ۽ خانگي شعبي کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. مقامي سطح تي ونڊ ٽربائنز جي ڊيزائن تي تحقيق، نوجوانن جي فني تربيت، سبسڊي، آسان قرض ۽ ونڊ سان گڏ سولر توانائي تي ٻڌل هائبرڊ نظام متعارف ڪرائڻ سان هن شعبي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو.
پاڪستان، خاص طور تي سنڌ، مائيڪرو ونڊ ٽربائنز جي ذريعي صاف، سستي ۽ پائيدار توانائي حاصل ڪرڻ جي وڏي صلاحيت رکي ٿو. البته منصوبابندي هميشه سائنسي ڊيٽا، مقامي هوائن جي رفتار، هوا جي گھاٽائي، جاگرافيائي حالتن ۽ اقتصادي جائزي جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن مناسب پاليسين، جديد تحقيق ۽ مقامي صنعت جي واڌاري تي ڌيان ڏنو وڃي ته مستقبل ۾ مائيڪرو ونڊ ٽربائنز سنڌ جي توانائي، زراعت، ماحول ۽ ڳوٺاڻن معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون