سنڌ صوبي اندر مختيارڪاري جي پراڻي نظام کي ختم ڪري نئين سر جوڙجڪ ڪئي پئي وڃي، جنهن تحت مختياڪارن کان 16 اهم ڪم واپس ورتا ويندا، سنڌ جي صوبائي سرڪار طرفان ڪراچي سميت صوبي جي مختلف علائقن ۾ ٽرئفڪ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جيئن اي چالان سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي. اهڙي ئي طرح سان روينيو کاتي ۾ مختيارڪاري نظام کي به اي ميوٽيشن تحت هلائڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن، مختيارڪاري جو نظام سنڌ ۾ هڪ اهم انتظامي ۽ سماجي جوڙجڪ هئي، جيڪا مقامي سطح تي حڪومت جي نمائندگي ڪندي هئي. پراڻو نظام ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ ۾ قائم رهيو، پر وقت سان گڏوگڏ ان ۾ ڪيترائي مسئلا ۽ چيلينج پيدا ٿي چڪا هئا. سنڌ ۾ مختيارڪاري جي پراڻي نظام کي ختم ڪرڻ ۽ ان جي جڳهه تي نئين نظام جو لاڳو ٿيڻ هڪ اهم ۽ نئين تجويز آهي، جنهن سان ڪيترن ئي سماجي، اقتصادي، ۽ انتظامي معاملا حل ٿيڻ جا امڪان آهن.
نئين مختيارڪاري نظام تحت زمينن ۽ پلاٽن جي ميوٽيشن هاڻي اي ميوٽيشن ذريعي ئي ڪري سگهبي، ٽي او فارم به اي ميوٽيشن ذريعي جاري ٿيندا، جڏهن ته سرڪاري رڪارڊ نيب توڙي اي اين ايف سان ڳنڍيو ويندو ته جيئن رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري جو خاتمو اچي سگهي، هن نئين نظام کان اڳ زمينن جي منتقلي وارو سسٽم مختيارڪارن حوالي هوندو هو، جنهن ۾ ڪرپشن توڙي عام ماڻهو جون شڪايتون پڻ سامهون اينديون رهيون آهن.نئين سسٽم تحت مختيارڪارن وٽان دفتري سسٽم ختم ڪري تمام سسٽم کي آن لائين ڪيو پيو وڃي ته جيئن زمينن جي رڪارڊ جي منتقلي ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم تحت آٽوميٽڪ تبديل ٿي سگهي ۽ ان سان عوامي شڪايتون پڻ گهٽجي وينديون. جڏهن ته ٽرانسفر آڊر فارم لاءِ هاڻي مختيارڪار آفيس جو چڪر لڳائڻ به نه پوندو.
مختيارڪاري جو پراڻو نظام سنڌ ۾ مقامي انتظامي ذميوارين جو اهم حصو هو. مختيارڪار، جيڪو مقامي حڪومت جو نمائندو هوندو هو، جي ذميواري ۾ زمينن جي مالڪي، عدالتن جي ڪارروائي، ۽ عوامي خدمت شامل هئي. هي نظام، جيڪو مختلف دورن ۾ هڪ مضبوط انتظامي ڪردار ادا ڪندو رهيو، انهن علائقن ۾ اهميت رکندو هو جن ۾ حڪومتي سرپرستي، قانوني فيصلن ۽ عوامي خدمت موجود هوندي هئي.مختيارڪاري جو پراڻو نظام ڪجهه صورتن ۾ اڻڄاڻائي ۽ بدعنواني جو سبب بڻيو. مقامي سطح تي حڪومتي نمائندا پنهنجن ذاتي مفادات کي سامهون رکندي عوامي مفاد کي نظرانداز ڪندا هئا. مختيارڪاري نظام ۾ مقامي شخصيتن ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن جو وڌ کان وڌ اثر هوندو هو، جنهن سبب قانون جي حڪمراني جي بجاءِ طاقتور طبقن کي ترجيح ملندي هئي. پراڻي نظام ۾ قانوني فيصلن ۾ گهڻا اڻپورا ۽ غيرمناسب فيصلا ٿي ويندا هئا، جنهن ڪري عوام ۾ بي اعتمادي پيدا ٿي هئي، جڏهن ته نئين نظام جو مقصد مختيارڪاري جي پراڻي سسٽم ۾ موجود خامين ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ آهي. ان جو مقصد مقامي سطح تي هڪ وڌيڪ شفاف، منصفاڻو، ۽ موثر انتظام قائم ڪرڻ آهي، جنهن ۾ عوام جي بهتر خدمت ۽ ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ شامل آهي.
نئين نظام ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال اهم بڻيل آهي. جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز کي استعمال ڪندي سرڪاري ڪم ڪاج ۾ شفافيت ۽ تڪڙائي آڻي سگهجي ٿي. انهي سان گڏ، عوام کي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ هر وقت دستياب مدد ملندي، نئين نظام ۾ مقامي انتظامي سسٽم کي وڌيڪ خودمختار بڻائڻ جو مقصد اهو آهي ته مقامي سطح تي حڪومتي ڪارڪردگي بهتر ٿئي. مقامي عملدارن کي وڌيڪ طاقت ۽ ذميواري ڏني وڃي ٿي، جنهن سان عوام کي ان جي علائقي ۾ بهتر خدمت ملندي.
نئين نظام ۾ شفافيت ۽ جوابدهي جو هڪ اهم حصو آهي. جنهن ۾ هر قسم جي بدعنواني ۽ قانوني غلطين کان بچڻ لاءِ سخت حڪمت عمليون مرتب ڪيون وينديون، نئين نظام ۾ مقامي قانوني نظام ۾ بهتري آڻڻ، ٽرائلز کي جلدي حل ڪرڻ، ۽ عدليه ۾ موجود رڪاوٽن کي دور ڪرڻ لاءِ حڪمت عمليون تيار ڪيون وينديون.
نئين نظام جي تحت مقامي انتظامي ادارن جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو، جنهن سان عوام جي خدمت ۾ بهتري اچي ٿي،مقامي انتظام ۾ شفافيت آڻڻ سان عوام کي پنهنجي حقن کان آگاھ ڪرڻ ۽ ان کي تحفظ ڏيڻ ۾ مدد ملندي، نئين نظام ۾ قانوني فيصلن جي جلدي عملداري، عدليه ۾ اصلاحات، ۽ انصاف جي تڪڙي پهچ نئين سسٽم جو اهم حصو بڻجي سگهي ٿو. نئين انتظامي سسٽم سان مقامي معاشي ترقي ۽ انفراسٽرڪچر جي بهتري ممڪن آهي، جيڪا عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهي ٿي.