| سنڌ ۾ ملازمن جي 10 سالن تائين پگھارن ۽ الائونسز جي رهتن جا اختيارکاتن حوالي |
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ ملازمن جي 10 سالن تائين پگھارن، الائونسز سميت ٻين رهتن جي ادائگين ۽ ڪيسن جي پڙتال جا اختيار ناڻي کاتي کان واپس وٺي لاڳاپيل کاتن حوالي، 10 سال کان وڌيڪ پراڻا رهتن وارا معاملا اُڪلائڻ لاءِ لاڳاپيل کاتن پاران ڪيس تيار ڪري ناڻي کاتي ڏانهن اماڻيا ويندا، سنڌ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ناڻي کاتي جي اختيارين سمورن سرڪاري کاتن، اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ توڙي ٽريزري آفيسن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ سرڪاري ملازمن جي پگھارن، الائونسز توڙي ٻين رهتن جي ادائگين جي حوالي سان ڪيل ترميمن تحت 10 سال تائين جي پراڻين رهتن وارن ڪيسن جي ادائگي جي منظوري ڏيڻ جا اختيار ناڻي کاتي کان واپس وٺي لاڳاپيل کاتن جي حوالي ڪيا ويا آهن. 10 سالن تائين جي رهتن جي دعوائن لاءِ ناڻي کاتي جي مداخلت ختم ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل سرڪيولر ۾ لاڳاپيل سمورن سرڪاري کاتن جي سيڪريٽرين کي پابند بڻايو ويو آهي ته اهي پنهنجن کاتن جي سرڪاري ملازمن بابت پگهارن ۽ الاؤنسز جي بقايائن جون دعوائون، جيڪي ڏهه (10) سالن تائين جي مدت جون هجن، انهن جي ڪيسن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ اسڪروٽني ڪاميٽيون ٺاهيون وڃن، جيڪي رهتن واري ڪيسن جي پڙتال ڪن، جڏهن ته 10 سالن کان گھٽ مُدي واري رهتن جي ڪيسن جا معاملا لاڳاپيل کاتن جي ذريعي ئي ناڻي کاتي ڏانهن اماڻيا ويندا، سرڪيولر ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن اهڙو ڪو به ڪيس سِڌي ريت اڪائونٽس آفيسرن، ڊي ڊي اوز يا ٻئي آفيسرن معرفت ناڻي کاتي ڏانهن اماڻيو ويندو ته اهو ڪيس قابِل قبول نه هوندو.
رهتن لاءِ کاتا ايڊيشنل سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪميٽيون جوڙيندا
ڪراچي: رهتن جي ادائگين لاءِ سرڪاري کاتن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري جي سطح جي آفيسر کي ڪاميٽي جي سربراهي سونپي ويندي. ان حوالي سان ناڻي کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل سرڪيولر ۾ چيو ويو آهي ته 10 سالن کان گھٽ مُدي واري رهتن جا ڪيس جاچڻ لاءِ کاتن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري سطح جي آفيسر کي جاچ ڪاميٽي جي سربراهي واري ذميواري سونپي وڃي.
سمورن اڪلايل ڪيسن جا تفصيل ويب سائيٽ تي اپلوڊ ٿيندا
ڪراچي: سمورن ڪيسن جي اُڪلاءُ وارا معاملا ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيا ويندا. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ملازمن جي پگھارن ۽ پينشن سميت ٻين رهتن وارا معاملا لاڳاپيل کاتن طرفان اُڪلائڻ کانپوءِ ڪيسن جا تفصيل ويب سائيٽ تي رکيا ويندا. جن جي مانيٽرنگ ناڻي کاتي پاران ڪئي ويندي.
10 سالن کان وڌيڪ پراڻا ڪيس ناڻي کاتي جون ڪاميٽيون اڪلائينديون
ڪراچي: 10 سالن کان وڌيڪ رهتن جي پراڻن ڪيسن جي اُڪلاءُ جا اختيار ناڻي کاتي وٽ رهندا. ان حوالي سان جاري ڪيل سرڪيولر ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته سرڪاري ملازمن جي پگھارن، الائونسز توڙِ ٻين رهتن جي حوالي سان 10 سالن کان وڌيڪ پراڻا ڪيس ناڻي کاتي جي قائم ٿيل ڪاميٽين جي حوالي ڪيا ويندا. ناڻي کاتي جي ڪاميٽي اهڙن ڪيسن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي.