سنڌ ۾ منشيات جو آزار ۽ نوجوان نسل

                 سنڌ ۾ منشيات جو بحران، گذريل ڪجهه ڏهاڪن خاص ڪري روس- افغان جنگ کانپوءِ اهڙي ته شدت اختيار ڪري ويو آهي جو هاڻي ته محسوس ٿيندو آهي ته اها سماجي لعنت هر گهر جو مقدر بڻجي وئي هجي. ائين به ناهي ته ماضيءَ ۾ سنڌ اندر ڪي نشا پتا نه ٿيندا هئا! ضرور ٿيندا هئا. اتهاس جي کوجَ مان خبر پوي ٿي ته رواجي نشا انساني ارتقا سان گڏ ماڻهن جي معاشري ۾ رهندا پيا اچن. مثال طور: سنڌ سميت سڄي ننڍي کنڊ ۾ ڀَنگ اهڙو نشو هو، جيڪو سماجي ۽ ثقافتي طور به استعمال ٿيندو هو. ڀَنگ سان گڏ آفيم ۽ چرس به استعمال ٿيندا هئا، پر هڪ خاص ڳالهه ته اهي نباتاتي يا قدرتي شين مان تيار ڪيا ويندا هئا. سادي ڳالهه ته ماضيءَ ۾ نشا گهڻو ڪري قدرتي ۽ رواجي نوع جا هئا؛ جيڪي اڄ به واپرايا وڃن ٿا. ائين نه ناهي ته پاڻ هتي انهن جي حمايت پيا ڪريون، اهي به ڪالهه جي سماج تي ڪاري داغ مثل هئا، اڄ وري انهن جي مقابلي ۾ صورتحال تمام گهڻي خراب آهي. اڄ جي سمي ۾ ‘جديد نارڪوٽڪس ۽ سنٿيٽڪس’ عام جام نشا آهن، جن جي پروڊڪٽ ۾ هيروئن، آئيس، مٿ ماڻهو کي مارڻ لاءِ ڪافي ثابت ٿين ٿا.

منشيات جو وڌندڙ استعمال واري مسئلي نه صرف فرد کي ذهني، سماجي ۽ جسماني طور تباهه ڪيو آهي، پر سماج کي به بدترين نتيجن ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. عالمي ادارن جي رپورٽن مطابق، منشيات جو استعمال ترقي پذير ملڪن ۾ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ۽ نوجوان ان جو سڀ کان وڏو نشانو بڻجن پيا. پاڻ هتي رڳو صوبي ۾ منشيات جي صورتحال جو هڪ جائزو وٺون ته پتو پوندو: پاڪستان نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڪميشن مطابق سنڌ ۾ منشيات جو استعمال ٻين صوبن جي مقابلي ۾ گهڻو وڌيو آهي، خاص طور شاگردن ۽ بيروزگار نوجوانن ۾…. مقامي رپورٽن موجب لڳ ڀڳ هر 7 مان 1 نوجوان ڪنهن نه ڪنهن قسم جي منشيات سان جڙيل آهي. انهن منشيات ۾ هي شيون وڌيڪ عام آهن. چرس، آئس، هيروئين، نسوار ۽ گٽڪو، ڪيميائي نشا جيئن ڪوڊين شربت ۽ گوريون  (Tramadol, Xanax) وغيره. شاهراهن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ بس اڏن جي ڀرسان منشيات وڪرو ڪندڙ گروهن جو منظم نيٽ ورڪَ موجود آهن. بدقسمتي سان، ڪيترائي والدين ۽ استاد به هن صورتحال کان بي خبر آهن. سوال هي آهي ته جنهن شيءِ بابت وضاحت سان خبر هجي ته اها نقصانڪار آهي ته ان جي باوجود ماڻهو منشيات جا عادي ڇو ٿا ٿين. هونءَ ته ان رجحان جا سبب گهڻا آهن، پر اهم عنصر پڪ سان هي ئي آهن:

بيروزگاري ۽ مايوسي:

ليبر فورس سروي موجب سنڌ ۾ نوجوانن ۾ بيروزگاري جي شرح %23 کان به وڌيڪ آهي. هي اهو ماحول آهي جيڪو مستقبل بابت غير يقيني صورتحال جو مؤجب بڻجي منشيات لاءِ ماحول سازگار بڻائي ٿو.

سماجي دٻاءُ ۽ سنگت جو اثر:

سال 2022 ۾ سائيڪالاجيڪل جرنل  ۾  Peer Pressureجي نالي سان هڪ اصطلاح استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: سنگت/ دوستيءَ جي دٻاءَ ۾ اچي نشو ڪرڻ يا ٻي ڪنهن سماجي برائي ۾ بهرو وٺڻ. ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اها ڳالهه زور هوندي آهي.

خانداني انتشار:

بي جوڙ شاديون، جلدي طلاق ٿي وڃڻ، والدين جي وچ ۾ تڪرار، لاپرواهي ۽ جذباتي سپورٽ جي کوٽ نوجوانن کي نفسياتي تڪليفن ڏانهن ڌڪي ٿي، جنهن جو حل اهي نشي ۾ ڳولهين ٿا.

تفريح يا نون تجربن جي خواهش:

ڪيترائي نوجوان شروعات تجسس تحت ڪن ٿا، پر پوءِ اهو نشو عادت بڻجي وڃي ٿو، ۽ پوءِ منشيات جا اثر، فرد کان ٿيندي سماج تائين پهچي وڃن ٿا. منشيات جو اثر رڳو جسماني نه پر نفسياتي ۽ سماجي به آهي. جسماني اثرن ۾ جگر، دل ۽ ڦڦڙن جون بيماريون، يادداشت جي ڪمزوري، قوت مدافعت ۾ گهٽتائي، اوچتو موت جو خطرو. ذهني ۽ نفسياتي اثرن ۾ ڊپريشن، ننڊ ۾ گهٽتائي، هذيان ۽ تشدد، خودڪشي جا رجحان. وري سماجي اثرن ۾ گهرن جي تباهي، ڏوهه، چوري ۽ قتل وڌڻ، تعليم جو خاتمو، بي اعتمادي، خوف ۽ انتشار. ان سڄي صورتحال کي سامهون رکندي هڪ فرضي اسٽڊي ڪيس رکجي ٿو:

نصير جو قصو:

نصير، لاڙڪاڻي جو 18 ورهين جو شاگرد، شروعات ۾ ڪاليج ۾ دوستن سان گڏ سگريٽ ۽ پوءِ چرس استعمال ڪرڻ لڳو. ڪجهه مهينن بعد هن آئس جو استعمال شروع ڪيو. منشيات جي ڪري هن پڙهائي ڇڏي ڏني، گُهٽ ٻوسٽَ ۾ سندس رويو جارحاڻي ٿيندو ويو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هن پنهنجي والد جي پئسن مان خريد ڪيل گهر جون قيمتي شيون وڪڻي ڇڏيون. ڇهن مهينن اندر ڇا ٿيو؟ پڙهائي ختم، خاندان سان لاڳاپا ٽُٽي ويا، صحت خراب ٿي وئي، نفسياتي علاج لازمي ٿي پيو.

نصير جو ڪيس هڪ فرد جي ڪهاڻي نه آهي؛ رپورٽن مطابق اهڙا هزارين نوجوان سنڌ ۾ روز نشي جو شڪار ٿي رهيا آهن. اهڙي نازڪ صورتحال ۾ سرڪار ۽ ادارن جون ڪوششون ڪهڙيون آهن؟ صوبي ۾ سنڌ نارڪوٽيڪس ڪنٽرول ونگ ۽ اين جي اوز ۾ گرين شيلٽر رهبليٽِشن ۽ روشن پاڪستان فائونڊيشن منشيات خلاف مهم هلائي رهيون آهن، پر انهن جي رسائي محدود آهي. اسڪول ۽ ڪاليج سطح تي سجاڳيءَ جا پروگرام اڃا تائين ناڪافي آهن. ‘يو اين او ڊي سي’ جي سال 2023 جي رپورٽ مطابق، جيستائين حڪومت، سول سوسائٽي ۽ تعليمي ادارا گڏيل حڪمت عملي تحت ڪم نه ڪندا، نتيجا محدود ئي رهندا. پوءِ اهڙي صورتحال ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ جي ته معاملو صفا واضح آهي ته هي بحران رڳو پوليس ڪارروائي سان حل نه ٿيندو، پر سماج جي مڪمل شعوري بيداري سان تعليم ۽ آگاهي مهم هلائڻيون پونديون. تعليمي ادارن ۾ نشي خلاف سجاڳي نشستون لڳائڻيون پونديون. سماجي ۽ ميڊيا تي الڳ سان مهم شروع ڪرڻي پوندي، تعليمي نصاب ۾ نشي جي اثرن بابت باب ضرور شامل هجن. هر ضلعي ۾ مفت بحالي مرڪز قائم ٿيڻ گهرجن، جيئن نوجوان علاج کان نه ڊڄن. والدين ۽ استاد جو ڪردار هميشه مثبت هجڻ گهرجي. نوجوانن سان کليل گفتگو ڪرڻ گهرجي. نگراني ۽ اعتماد وارو جهان جوڙجي، ڏوهه ڏيڻ بدران مدد ڪرڻ وارو رويو اختيار ڪجي.

ان ڏکي صورتحال ۾ حڪومت جو قانوني ۽ انتظامي ڪردار اهم آهي. مثال طور: منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف سخت قانون جوڙيا وڃن، اسمگلنگ روڪڻ لاءِ سرحدي ۽ شاهراهن تي نگراني هجڻ گهرجي، صحت ۽ نفسياتي خدمتن ۾ اضافو ڪيو وڃي. اها ڳالهه چڱي طرح ياد ڪرڻ گهرجي ته نشي جو مسئلو اڪيلي فرد جو ناهي،  اهو معاشري، خاندان، قانون، تعليم ۽ صحت جو معاملُو بڻجي چڪو آهي. اهڙي صورتحال نوجوان نسل جي وجود، مستقبل ۽ قومي ترقي لاءِ خطري جي گهنٽي آهي. جيڪڏهن نوجوان برباد ٿيندا ته سماج، علم، معيشت، سياست ۽ ثقافت سڀ متاثر ٿيندا. هن مسئلي جو حل صرف قانوني ڪارروائي نه پر گڏيل سماجي ذميواري آهي. سڀني ڳالهين ۾ هڪ اهم ڳالهه ته ڪڏهن به اميد جو در بند نه ٿين گهرجي؛ جيڪڏهن تعليمي ادارا، والدين، حڪومت ۽ سماج گڏجي ڪم ڪن ته ‘منشيات کان پاڪ سنڌ’ رڳو نعرو نه پر حقيقت بڻجي سگهي ٿي.