سنڌ جي ڌرتي، اڄ هڪ اهڙي خطرناڪ وبا جي ور چڙهي وئي آهي، جيڪا نه رڳو نوجوان نسل کي تباهه ڪري رهي آهي پر سڄي سماج جي ڍانچي کي به ڪمزور بڻائي رهي آهي. منشيات جو منظم ڪاروبار، جيڪو ڪنهن زماني ۾ لڪل ۽ محدود هو، هاڻي کليل نموني سان جاري آهي، ۽ سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اهو ڪاروبار قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، بااثر شخصيتن ۽ ڪجهه سياسي قوتن جي سرپرستيءَ ۾ وڌي رهيو آهي. سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان بار بار اهڙيون رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن، جن ۾ واضح ثبوت موجود آهن ته پوليس موبائلن ۾ منشيات جي سپلاءِ ٿي رهي آهي. اهي واقعا رڳو افواهه ناهن، پر ڪيتريون ئي وڊيوز ۽ شاهديون انهن دعوائن کي مضبوط ڪن ٿيون. جڏهن قانون جا محافظ پاڻ قانون جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث هجن، تڏهن عام شهري ڪنهن وٽ فرياد کڻي وڃن؟ گٽڪو، مائو، ڪيميڪل واريون پڙيون، آئس ۽ ٺري جهڙيون زهريليون شيون هاڻي هر گهٽي، هر پاڙي ۽ هر تعليمي اداري جي ويجهو آساني سان دستياب آهن. اهي شيون نه رڳو نوجوانن لاءِ پر عورتن ۽ ٻارن لاءِ به هڪ عام عادت بڻجي چڪيون آهن. اهو منظر ڪنهن به حساس دل رکندڙ انسان لاءِ انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي ته ننڍڙا ٻار، جيڪي ملڪ جو مستقبل آهن، اهي پنهنجي هٿن ۾ ڪتابن بدران زهر جهڙيون شيون کڻي ويٺا آهن. سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته اينٽي نارڪوٽڪس فورس ۽ ايڪسائيز کاتي جهڙا ادارا، جيڪي هن وبا کي ختم ڪرڻ جا ذميوار آهن، انهن تي به آڱريون کڄي رهيون آهن. جيڪڏهن اهي ادارا پاڻ ئي هن ڪاروبار ۾ ملوث هجن يا اک ٻوٽي ويٺا هجن، ته پوءِ احتساب ڪير ڪندو؟ قانون جي بالادستي جو خواب ڪيئن ساڀيان ٿيندو؟
تعليمي ادارن ۾ منشيات هڪ ڳڻتي جوڳو ۽ سنجيده مسئلو بڻجي چڪو آهي، جيڪو شاگردن جي ذهني، جسماني ۽ اخلاقي ترقي تي خراب اثر وجهي ٿو. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ منشيات جي وڌندڙ استعمال نه رڳو تعليم جي معيار کي متاثر ڪري ٿو، پر نوجوان نسل جي مستقبل کي به خطري ۾ وجهي ٿو. شاگردن ۾ تجسس، دوستن جو دٻاءُ، ۽ سماجي مسئلا انهن کي منشيات ڏانهن مائل ڪن ٿا.منشيات جو استعمال شاگردن جي صحت لاءِ نقصانڪار آهي، جنهن سان سندن يادگيري، توجهه ۽ سکڻ جي صلاحيت متاثر ٿئي ٿي. ان سان گڏوگڏ، اهو اخلاقي قدرن کي به ڪمزور ڪري ٿو ۽ شاگردن کي غلط سرگرمين ڏانهن وٺي وڃي ٿو. ڪيترن ئي حالتن ۾، منشيات جو استعمال ڏوهن جي واڌ جو سبب پڻ بڻجي ٿو.
هن مسئلي جي حل لاءِ والدين، استادن ۽ حڪومت کي گڏجي قدم کڻڻ گهرجن. تعليمي ادارن ۾ آگاهي مهم هلائڻ، شاگردن کي منشيات جي نقصانن بابت ڄاڻ ڏيڻ، ۽ سخت قانون لاڳو ڪرڻ ضروري آهي. ان کان علاوه، مثبت سرگرمين جهڙوڪ راندين ۽ ادبي پروگرامن کي هٿي ڏيڻ سان شاگردن کي صحتمند ماحول فراهم ڪري سگهجي ٿو. منشيات کان پاڪ تعليمي ماحول ئي روشن ۽ محفوظ مستقبل جي ضمانت ڏئي سگهي ٿو.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت، عدليه ۽ سول سوسائٽي گڏجي هن سنگين مسئلي کي سنجيدگي سان وٺن. صرف بيان ڏيڻ يا عارضي ڪارروايون ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. ان لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي، جنهن ۾ سخت قانوني ڪارروايون، شفاف احتساب ۽ عوامي آگاهي مهم شامل هجن. انهن سڀني اهلڪارن ۽ بااثر ماڻهن کي بي نقاب ڪيو وڃي، جيڪي هن ڪاروبار جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن، ۽ کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ساڳئي وقت، تعليمي ادارن، مذهبي اڳواڻن ۽ ميڊيا کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. نوجوانن کي آگاهه ڪرڻ، انهن کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ انهن جي ذهنن مان هن زهر کي ڪڍڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ضروري آهن. والدين کي به پنهنجي ذميواري سمجهڻ گهرجي ۽ پنهنجن ٻارن جي سرگرمين تي نظر رکڻ گهرجي. سنڌ جي بقا، ان جي نوجوان نسل جي بقا سان جڙيل آهي. جيڪڏهن اڄ اسان هن مسئلي کي نظرانداز ڪيو، ته سڀاڻي شايد دير ٿي چڪي هوندي. اهو رڳو حڪومت جو نه، پر هر باشعور شهري جو فرض آهي ته هو هن لعنت خلاف آواز اٿاري. ڇو ته خاموشي، هن جرم ۾ شريڪ ٿيڻ جي برابر آهي.