| سنڌ ۾ منڪي پاڪس وگهي 9 فوتگين جو اعتراف: 25 ڪيسن جي تصديق: خيرپور متاثر |
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران منڪي پاڪس جا وڌيڪ 2 نوان ڪيس ظاهر، ان ڏس ۾ صحت کاتي جي اختيارين ڪراچي ۽ خيرپور ضلعن ۾ منڪي پاڪس جا وڌيڪ 2 ڪيس رپورٽ ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته 14 اپريل تائين منڪي پاڪس جي 122 شڪي ڪيسن جي ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرائڻ بعد 25 ڪيسن جي رپورٽ مثبت آئي آهي. جڏهن ته 9 فوتگيون ٿيون آهن، صحت کاتي موجب خيرپور ضلعو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، جتي 18 تصديق ٿيل ڪيس سامهون آيا آهن، جڏهن ته سکر ۾ 3 ۽ ڪراچي ۾ 4 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي. صحت کاتي پاران صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن ضلعن جي اسپتالن ۾ آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا آهن، صحت کاتي پاران عوام ۽ طبي عملي کي اپيل ڪئي وئي آهي ته احتياطي اپاءُ تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، علامت ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ فوري طور تي ويجهي اسپتال سان رجوع ڪيو وڃي.