سنڌ ۾ مهاڻن جي رجسٽريشن شروع: مڇي شڪار ۽ لانچن لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار

سنڌ ۾ مهاڻن جي رجسٽريشن شروع: مڇي شڪار ۽ لانچن لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لائيو ۽ فشريز کاتي پاران مهاڻن جي رجسٽريشن لاءِ اهم فيصلو، ان حوالي سان ڪالهه فشريز واري وزير محمد علي ملڪاڻي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نادرا سڃاڻپ کانسواءِ مھاڻن جي رجسٽريشن ۽ لائسنس جاري نه ٿيندا. مڇي جي شڪار ۽ لانچن جي رجسٽريشن نادرا سڃاڻپ  سان مشروط ڪئي وئي. ان حوالي سان صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته شڪار جي بهاني اسمگلنگ روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويا آهن، هن چيو ته غير قانوني ڄارن جي استعمال تي ڏنڊ ۽ قيد جي سزا لاڳو ڪئي ويندي. هن چيو ته غير قانوني ڄار جمع ڪرائيندڙ مهاڻن کي قانوني متبادل فراهم ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته نئين پاليسي سان چائلڊ ليبر جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته مهاڻن جي ڀلائي لاءِ انشورنس ۽ ماھيگيري ڪارڊ تي ڪم جاري آھي، هن وڌيڪ چيو ته سامونڊي پٽي ۾ ون ونڊو آپريشن لاءِ ادارن وچ ۾ گڏيل ڪوآرڊينيشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هاڻ غيرقانوني مڇي جي شڪار تي ڪارروائي ڪئي ويندي