| سنڌ ۾ موسمي حالتن کي منهن ڏيندڙ نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ جو فيصلو |
ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته هلندڙ مالي سال ۾ 1018 اربن جي ترقياتي حجم جو تعين ڪيو ويو آهي، ڪالهه پلاننگ ۽ ناڻي کاتن جي گڏيل اجلاس ۾ هن چيو ته ترقياتي حڪمتِ عملي 2025-26ع موسمي تبديليءَ سان هم آهنگ انفرااسٽرڪچر، عمارتن، روڊن ۽ رهائشي منصوبن تي مرڪوز آهي، هن پلاننگ کاتي کي هدايت ڪئي ته سمورا نوان منصوبا شديد موسمي حالتن کي منهن ڏيڻ جي سگهه رکندڙهجن، هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته منصوبابندي ۽ منظوري جي مرحلن ۾ آفتن جي خطري کي شامل ڪيو وڃي، آئون چاهيان ٿو ته ترقي تي خرچ ٿيندڙ هر رپيو غربت ۾ گهٽتائي ۽ پائيدار ترقي جي هدفن جي حاصلات ۾ ڪردار ادا ڪري، هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي بحاليءَ ۾ متاثر ٿيل تعليمي ۽ صحت ادارن جي بحالي شامل هوندي، جڏهن ته بهتر رابطن ( روڊن ) سان وڏا شهر ڳنڍبا ۽ شهري مرڪزن ۾ ماس ٽرانزٽ نظام کي هٿي ملندي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مختلف اهم شعبن لاءِ 520 ارب رپيا رکيا آهن، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته 970 ڪلوميٽر روڊن لاءِ 582 ارب رپيا رکيا ويا آهن پلاننگ کاتي جي چيئرمين نجم شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته تليم جي شعبي ۾ 340 اربن جي سيڙپڪاري ڪريون پيا، جنهن ۾ ٻوڏ متاثر 1600 سيڪنڊري اسڪولن جي ٻيهر تعمير، 9 نون ڪيڊٽ ڪاليجن ۽ سکر ۾ عورتن جي يونيورسٽي جو قيام شامل آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صحت جي شعبي لاءِ 300 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن تحت 9 ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتالن جي واڌ ويجهه ۽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيا ويندا