سنڌ ۾ ميئرن ، چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن جي چونڊ گڏجاڻين ۾ شرڪت ۽ ورڪ تي بندش
جنوري 15, 2024
ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) اليڪشن ڪميشن پاران پرڳڻي جي سمورن ميئرز، ميونسپل، ٽائون ۽ يوسي چيئرمينز سميت ڪائونسلرن جي اليڪشني گڏجاڻين، جلسن جلوسن ۽ ريلين ۾ شرڪت ۽ ورڪ تي پابندي لاڳو، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو، ان ڏس ۾ سنڌ مانيٽرنگ ڪوآرڊينيٽر پاران ريجنل اليڪشن ڪمشنر ۽ مانيٽرنگ ڪوآرڊينيٽر کي خط لکي آگاھه ڪيو آهي ته بلدياتي نمائندن خلاف اميدوارن جي چونڊ مهم ۾ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال جون شڪايتون مليون آهن، سرڪاري وسيلا استعمال ڪرڻ اليڪشن جي ضابطه اخلاق جي پيرا 18 جي ڀڃڪڙي آهي، اهڙي خط جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي ميئرن، چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن سميت سمورن بلدياتي نمائندن جي الڪشني ڪارنر گڏجاڻين، جلسن جلوسن ۽ ريلين ۾ شرڪت ۽ ورڪ ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آھي، جڏھن ته ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آھي، ان ڏس ۾ جوائنٽ اليڪشن ڪمشنر اصغر سيال جو چوڻ هو ته چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندڙن تي نظر رکيي پئي وڃي، ڪنهن به خلاف ورزي جا ثبوت سنڌ مانيٽرنگ ڪوآرڊينيٽر آفيس موڪليا وڃن.