سنڌ ۾ ميٽرڪ جا امتحان جاري، ڪاپي جي ڌم: انتظاميا روڪڻ ۾ ناڪام
مَي 11, 2023
ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ميٽرڪ جا امتحان جاري آهن جڏهن ته امتحاني سينٽرن تي ڪاپي جي ڌم متل رهي جنهنکي انتظاميا روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. تفصيل موجب سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جا امتحان جاري آهن جڏهن ته مختلف شهرن ۾ امتحاني مرڪزن تي ڪاپي جي پڻ ڌم متل آهي، مختلف سينٽرن تي بجلي بند هئڻ سبب شاگرد توڙي شاگردياڻيون پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن،لاڙڪاڻو، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، نوابشاهه، قمبر، شهدادڪوٽ، نئون ڪوٽ، ڪنري ۽ ٻين شهرن ۾ نائين ۽ ڏهين جا هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون پيپر ڏئي رهيون آهن، نئون ڪوٽ جي امتحاني سينٽرن تي ڪاپي جي ڌم رهي، استاد پاڻ شاگردن کي ڪاپي ڪرائي رهيا آهن، ميرپورخاص جي مختلف امتحاني سينٽرن تي پڻ ڪاپي ڪرڻ تان ڪيترائي شاگرد ڪاپي ڪيس ڪيا ويا آهن.ڪنري ۾ سول جج زاهد حسين مغيري پاران امتحاني سينٽرن جو دورا ڪيا ويا، ٽن شاگردن وٽان موبائيل فونون هٿ ڪيون ويون.