سنڌ ۾ ميٽرڪ جا امتحان هلندڙ: ڪاپي جي ڌم متل: گرمي ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب 3 شاگرد بيهوش
مَي 10, 2023
ڪراچي(نمائندن وٽان)سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جي امتحانن دوران ٽئين ڏينهن به ڪاپيءَ جي ڌُم متل آهي جڏهن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ شاگردن کي بي حال ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊن ۾ نائين ۽ ڏهين جا ساليانا امتحان جاري آهن، امتحانن جي ٽئين ڏينهن تي پڻ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، شڪارپور، جيڪب آباد، شهدادڪوٽ، عمرڪوٽ، بدين، ٽنڊو محمد خان، ڏوڪري ۽ ٻين شهرن ۾ شاگرد سرعام ڪاپي ڪندي نظر آيا، انٽرنيٽ سروس بند هئڻ سبب شاگرد ڪاپي ڪرڻ لاءِ موبائيل فون بدران پراڻا طريقا استعمال ڪرڻ لاءِ مجبور آهن جڏهن ته تعليم کاتي پاران پيپرز دوران نقل روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن ٻئي طرف گرمي سٽيل سنڌ ۾ بجليءَ جي بندش عذاب ٻيڻو ڪري ڇڏيو، نائين ڏهين جا امتحان ڏيندڙ شاگرد به بجليءَ جي بندش سبب سخت پريشان آهن ٽنڊو الهيار هاءِ اسڪول ۾ پيپر دوران گرمي وگهي 3 شاگرد بيهوش ٿي ويا، ٽنهي کي امتحاني سينٽر ۾ ئي طبي امداد ڏني وئي.