مڪاني ادارن جي چيئرمين جي حلف برداري:شهر چمڪي پيا

جُون 19, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ جي 6 ميئر ۽ 245 چيئرمينن کي اڄ حلف کڻايو پيو وڃي، 22 ضلعي۽ 44 ٽي ايم سي چيئرمين سوڌو 39 ميونسپل ۽ 140 ٽائون چيئرمين پڻ حلف کڻندڙن ۾ شامل آهن، مختلف شهرن ۾ مڪاني ادارن جي سربراهن حلف کڻي ورتو آهي

لاڙڪاڻي ضلعي چيئرمين  ۽ ميئر حلف کڻي ورتو

لاڙڪاڻي ۾ مڪاني چونڊن ۾ چونڊجي آيل ميئر ۽ چيئرمينن حلف کڻي ورتو، ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي حلف برداري تقريب شهر جي بيگم نصرت ڀٽو هال جناح باغ ۾ ٿي گذري، ڪمشنر لاڙڪاڻو گھنور علي لغاري پيپلزپارٽي جي چونڊجي آيل ميئر انور علي نواز لهر ۽ ڊپٽي ميئر محمد امين شيخ کي حلف کڻايو جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو رابعه سيال پيپلزپارٽي جي چيئرمين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري ۽ وائيس چيئرمين اسد الله ڀٽو کي حلف کڻايو. حلف کڻڻ بعد پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ جيالن جيئي ڀٽو، جيئي بلاول ڀٽو زرداري، جيئي آصف علي زرداري، جيئي فريال ٽالپر ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن جي حق ۾ نعريبازي پڻ ڪئي

حيدرآباد ۾ پهريون جيالو ميئر، حلف کڻڻ دوران جذباتي منظر، نعرا

حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي بنا مقابلي چونڊجي آيل ميئر ڪاشف شورو ۽ ڊپٽي ميئر صغير احمد قريشي پنهنجي عهدن جو حلف کڻي ورتو، ڊويزنل ڪمشنر بلال احمد ميمڻ ٻنهي ڄڻن کان عهدي جو حلف کڻايو، پ پ جو پهريون ڀيرو جيالو ميئر مقرر ٿيڻ تي حلف برداري تقريب ۾ جذباتي منظر، جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا ويا جڏهن ته  ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو نيرون ڪوٽ ۽ سچل سرمست جي ٽائون چيئرمين ۽ وائيس چيئرمينن کي عهدن جو حلف کڻايو، لطيف آباد، سٽي ۽ ٻهراڙي تعلقي جي ٽائونز چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن به عهدن جو حلف کڻي ورتو

ميرپورخاص ۾ پهريون ڀيرو پ پ جو ميئر اچي ويو

ميرپورخاص ميونسپل ڪاميٽي مان ميونسپل ڪارپوريشن ٺهڻ کانپوءِ پهريون ميئر پيپلز پارٽي جو ٿي ويو، ميرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر عبدالرئوف غوري ۽ ڊپٽي ميئر  جنيد بلند کي عهدي جو حلف ڊويزنل ڪمشنر شفيق احمد مهيسر کڻايو، ميئر عبدالرئوف غوري پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان  ڳالهائيندي چيو ته شهر جي مسئلن کي ڏٺو آهي، مسئلا حل ڪندس

بدين ضلعي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين حلف کڻي ورتو

بدين ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي حلف برداري تقريب ضلعي ڪائونسل هال بدين ۾ ٿي گذري، رٽرننگ آفيسر نجيب الرحمان جمالي ۽ اليڪشن ڪميشن محمد حنيف جي موجودگي ۾  ضلعي چيئرمين لاءِ علي اصغر ھاليپوٽو ۽ وائيس چيئرمين لاءِ فداحسين منڌرو حلف کنيو

ڪنڌڪوٽ ضلعي چيئرمين حلف کڻي ورتو، خوشي ۾ هوائي فائرنگ

ڪنڌڪوٽ ضلعي چيئرمين گل محمد جکراڻي ۽ وائيس چيئرمين الطاف خان کوسو کي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي حلف کڻايو، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پاران حلف کڻڻ جي خوشي ۾ دھل شرناين تي جھمريون هنيون ويون ۽ هوائي فائرنگ پڻ ڪئي وئي

قمبر ضلعي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين حلف کنيو

قمبر شھدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين قمرالدين گوپانگ ۽ وائيس چيئرمين غلام محمد اسراڻ کي ڊي سي قمبر سليم الله اوڍو عهدي جو حلف کڻايو،  قمبر جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال ۾ حلف برداري تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ پارٽي جي چونڊيل نمائندن،.پ پ اڳواڻن شرڪت ڪئي

نئون ڪوٽ ۾ پ پ اڳواڻ پاران حلف تقريب جو بائڪاٽ

ٽائون ڪاميٽي نئون ڪوٽ جي چونڊجي آيل چيئرمين نور محمد منڌرو ۽ وائيس چيئرمين محمد عظيم چانڊيو کي اسسٽنٽ ڪمشنر جھڏو ريحان ڏيٿو حلف کڻايو، تقريب ۾ شرڪت لاءِ نئون ڪوٽ کان جهڏو تائين سوين گاڏين جي ريلي ڪڍي وئي،  ريلي ۾ شھرين  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري دهل ۽ شرنائين تي رقص پڻ ڪندا رهيا، ان موقعي تي چيئرمين نور محمد منڌرو چيو ته عوام جو نوڪر ٿي ڪم ڪندس، هوڏانهن  نئون ڪوٽ جي وارڊ نمبر 4 تي جنرل ڪائونسل جي سيٽ تي بيٺل پيپلزپارٽي جو وڪرم ايسرداس چيئرمين شپ نه ملڻ ڪري مسلسل پاسيرو رهيو، چيئرمين ۽ وائس چيئرمين جي حلف برداري واري تقريب ۾ شريڪ نه ٿيو

ٽنڊو غلام حيدر ۾ حلف برداري بعد خوشي ۾ ريلي

ٽنڊوغلام حيدر ٽائون ڪاميٽي تي  بنا مقابلي ڪامياب ٿيل پ پ جي چيئرمين اميرسلطان چانڊيو  ۽ وائيس چيئرمين بابو ارشاد پنهنجي عهدي جو  حلف کڻي ورتو، جنهن بعد خوشي ۾ ريلي ڪڍي نعرا هنيا ويا

ڀٽ شاهه ٽائون ڪاميٽي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين حلف کڻي ڀٽائي تي حاضري ڀري

ڀٽ شاھ ٽائون ڪاميٽي جي بنا مقابلي ڪامياب ٿيل پ پ سان تعلق رکندڙ چيئرمين سيد خاور حسين شاهه لطيفي ۽ وائيس چيئرمين رانا محمد عثمان راجپوت حلف کڻي ورتو، حلف کڻڻ بعد چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ريلي جي صورت ۾ درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي پهچي چادر چاڙهي دعا گهري

خانپور ٽائون ڪاميٽي تي جتوئي گروپ جي چيئرمين حلف کڻي ورتو

خانپور ٽائون ڪاميٽي جتوئي گروپ جي مجلس وحدت المسلمين جي چيئرمين مھدي حسن جتوئي ۽ وائس چيئرمين علي مراد سيٺار کي  اي سي شڪارپور محمد ذيشان پنھنجي عھدن جو حلف کڻايو

ڪنڊيارو ٽائون ڪاميٽي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين حلف کنيو

ڪنڊيارو ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين سيد غلام مرتضي شاهه، وائيس چيئرمين مير خان سهتو حلف کڻي ورتو، تقريب ٽائون ڪاميٽي ۾ ٿي، اسسٽنٽ ڪمشنر وقاص ملوڪ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين کي حلف کڻايو

گهارو ٽائون ڪاميٽي لاءِ چيئرمينن جي جوڙي حلف کڻي ورتو

گھارو ٽائون ڪاميٽي گھارو لاءِ پ پ جي  چئيرمين ڄام احسان جوکيو ۽ وائيس چيئرمين بابو پنھور حلف کڻي ورتو، ٽائون چئيرمين ڄام احسان جوکيو حلف کڻڻ کان پوءِ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته عوام اسان کي خدمت جو موقعو ڏنو آھي، عوام جي ڀرپور خدمت ڪنداسين

ٽائون ڪاميٽي ميرپور بٺورو ۽ دڙو جي چئرمينن عهدي جو حلف کڻي ورتو

 ميرپوربٺورو جي اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ۾ تازو ئي ڪامياب ٿيل ٽائون چئرمينن جي حلف برداري تقريب ٿي جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپوربٺورو بابر علي ٽائون ڪاميٽي ميرپور بٺورو جي چئرمين غلام علي خواجه، وائس چيئرمين اياز اسماعيل سوھو، ٽائون ڪاميٽي دڙو جي چئرمين ارباب نجيب ميمڻ کي عهدي جو حلف کڻايو جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي دڙو جو وائس چيئرمين ارباب ذڪريا ميمڻ حج تي ويل هئڻ سبب پنهنجي عهدي جو حلف نه کڻي سگهيو.

خانڳڙهه تي ڪامياب ٿيل چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين حلف کنيو

خانڳڙھ تعلقي تي بنا مقابلي ڪامياب ٿيل چيئرمين عبدالرزاق خان مهر ۽ وائيس چيئرمين گنشام داس حلف کڻي ورتو، اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس خانپورمهر ۾ حلف کڻائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر حلف کڻايو

ڪنڌڪوٽ ۾ به مڪاني نمائندن حلف کنيو

ڪنڌڪوٽ ميونسپل ۽ ٽائون ڪرمپور، غوثپور جي چئيرمين وائيس چئيرمينن ڊي سي آفيس ۾ حلف کڻي ورتو

ڊي سي منور علي مٺياڻي  ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ميرراشدخان سندراڻي، وائيس چئيرمين شيرمحمد سھرياڻي کان حلف کڻايو، غوثپور ٽائون جي چئيرمين عبدالنبي خان سندراڻي، وائيس چئيرمين نظير احمد شاھه، ڪرمپورٽائون چئيرمين مير شيراز خان بجاراڻي، وائيس چئيرمين سنيل ڪمار به حلف کڻي ورتو

پڪا چانگ ۽ ڪرونڊي جي چيئرمينن حلف کنيو

ٽائون ڪاميٽي پڪاچانگ، ٽائون ڪاميٽي ڪرونڊي جي چئرمين ۽ وائيس چئرمين کان حلف ورتو ويو ، ٽائون ڪاميٽي پڪاچانگ جي چيئرمين سيد جئيل شاهه جيلاني ۽وائيس چيئرمين ظفر خاصخيلي حلف کڻي ورتو

 ڪرونڊي جي چيئرمين ڊاڪٽر سليم شوڪت راڄپر ۽ وائيس چئر مين شاهزيب راڄپر  کان به اي سي فيض گنج حلف کڻايو

حلف برداري تقريب بعد چئرمين ۽وائيس چئرمين  ٽائون ڪاميٽين پهچي عهدا سنڀالي ورتا آهن

فيض گنج  ٽائون ڪاميٽي پڪاچانگ  جي ملازمن پاران چيئرمين ۽ وائيس چيئرمينن جي اچڻ کان اڳ شهرن جي سفائي سٿرائي ڪري پئرس ڪري ڇڏيو،  سالن بعد شهر اندر سفائي سٿرائي ڏسي شهري حيران ٿي ويا

Leave A Comment