ڪراچي( ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مڪاني ادارن جا چونڊيل نمائدا سڀاڻي قسم کڻندا، 29 ضلعن جي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي هدايتن تي تياريون مڪمل ڪيون ويون
اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن کي قسم کڻائڻ واريون تقريبون سڀاڻي ٿينديون
ڪراچي ميٽرولپوليٽن ڪارپوريشن جي 2 سئو کان وڌيڪ يونين ڪميٽين جا چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن کي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر قسم کڻائيندا
حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي يوسيز جي چونڊيل چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن کي قسم کڻايو ويندو
سکر ميونسپل ڪارپوريشن ۾ به مڪاني ادارن جي ڇونڊيل نمائندن کي رٽرننگ آفيسر قسم کڻائيندو
لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد ۾ به چيئرمي، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلر طور ڪاميابي ماڻيندڙ پنهنجن عهدن جو قسم کڻندا
ٺٽو، ڄامشورو، بدين، سجاول، ٽنڊو الهيار، مٽياري، دادو ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ ٽائون ڪاميٽين، يونين ڪائونسلن، ميونسپل ڪامِيٽين ۽ ضلعي ڪائونسلن جي ميمبرن کي به قسم کڻايو ويندو
قمبر شهدادڪوٽ، ڪنڌڪوٽ ڪشمور، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ به مڪاني چونڊن جا نمائندا قسم کڻندا
گهوٽڪي ۽ خيرپور ۾ به يوسين، ٽائون ڪاميتين، ميونسپل ڪميتين جا چونڊيل ميمبر قسم کڻندا
شهيدبينظيرآباد ، سانگهڙ ۽ نوشهروفيروز ۾ به مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن کي به قسم کڻائڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن
عمر ڪوٽ ۽ ٿي ۾ به چونڊيل چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن کي سڀاڻي قسم کڻايو ويندو
ياد رهي ته مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي کي هڪ سال ۽ ٻئي مرحلي کي 4 مهينا گذري چڪا آهن