ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ ۾ پوليس جي ننڍن ٿاڻن کي وڏن ٿاڻن ۾ ضم ڪرڻ ۽ ننڍن ٿاڻن کي چيڪ پوسٽن ۽ رپورٽنگ سينٽرن ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي صوبائي سطح تي پوليس اسٽيشنن جي تنظيم سازي ۽ انهن جي ڪارڪردگيءَ کي وڌائڻ جهڙن مسئلن ۽ قدمن تي غور ويچار ڪري جامع سفارشون تيار ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا
آئي جي سنڌ مختلف ڪميٽيون پڻ قائم ڪري ڇڏيون، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي ۽ حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد جي ڊي آئي جيز جي سربراهي ۾ الڳ الڳ ڪميٽيون سفارشون تيار ڪنديون
ان موقعي تي آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس اسٽيشنن ۾ پوليسنگ جي سطح کي نه رڳو درست ڪيو وڃي پر ان تحت سمورن مثبت ۽ فائديمند قدمن کي به بتدريج وڌايو وڃي
هن چيو ته ڪراچي ۾ 100 کان وڌيڪ پوليس اسٽيشنون آهن ۽ انهن جي روزمره جي پوليسنگ بابر پوليس ريفارمز ڪميٽي جون سفارشون ڪهڙيون آهن ٿورو انهن تي به ڌيان ڏنو وڃي
غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ يا مضبوط ڪرڻ لاءِ انتظامي ۽ مالياتي معاملن کي وڌائڻو پوندو
آئي جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙيندي چيو ته ننڍن پوليس اسٽيشنن کي وڏن ٿاڻن ۾ ضم ڪرڻ، ننڍن پوليس اسٽيشنن کي چيڪ پوسٽن يا رپورٽنگ سينٽرز ۾ تبديل ڪرڻ بابت جامع سفارشن تي مشتمل مسودو تيار ڪري موڪليو وڃي
سندس چوڻ هو ته ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو وڃي ته ضم ڪيل پوليس اسٽيشنن جون عمارتون مناسب ۽ استعمال لائق حالت ۾ هجن
آءِ جي سنڌ ايڊيشنل آءِ جي انويسٽيگيشن جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي پڻ قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ ڊي آءِ جيز، آءِ ٽي، ڪرائم، انويسٽيگيشن، اي آءِ جيز، آپريشنز، اسٽيٽ ۽ مئنيجمينٽ لاجسٽڪ شامل آهن
آئي جي سنڌ ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سنڌ کي هدايت ڪئي ته سٺي ساک رکندڙ پوليس آفيسرن جي لسٽ جو جائزو وٺي ان کي حتمي شڪل ڏئي نظرثاني لاءِ موڪليو وڃي
ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو چيو ته شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي پوليس اسٽيشنن جي پوليسنگ ۾ واضح فرق آهي ۽ ان حوالي سان پوليس اسٽيشنن جي تنظيم سازي جي حوالي سان مشقون اڻٽر بڻجي ويون آهن، آءِ جي سنڌ جو قدم خوش آئند ۽ ڪارائتو آهي