| سنڌ ۾ ننڍن ڪاروبارن کي نظر انداز ڪرڻ تي ڳڻتي: ري فنانس اسڪيم بحالي جي سفارش |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه ۽ صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي خاص معاون هارون اختر وچ ۾ اجلاس : سنڌ ۾ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جي ترقي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ اسٽرٽيجڪ ڀائيواري تي غور ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ سنڌ جي شهر ڪنري ۾ ريڊ چلي ( ڳاڙهن مرچن ) پروسيسنگ (ڊي هائيڊريشن) يونٽ جي بحالي لاءِ گڏيل ڪم جو عزم ڪيو ويو، وڏي وزير چيو ته اهو منصوبو سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز ڊولپمينٽ اٿارٽي( سميڊا ) ۽ سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ کان منظوري حاصل ڪري چڪو آهي، انهي ڀائيواري جو مقصد مرچ جي ويليو چين کي جديد بڻائڻ آهي، هن چيو ته جون 2025 کان اسٽيٽ بينڪ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز لاءِ 6سيڪڙو وياج واريون ري فنانس اسڪيمون ختم ڪري ڇڏيون آهن، هن چيو ته توانائي جي وڌندڙ اگهن، خام مال جي قيمتن ۽ لاجسٽڪس خرچن ۾ اضافي سبب منافعي جا مارجن سخت دٻاءَ هيٺ آهن،وفاقي خاص معاون هارون اختر چيو ته ملڪ ۾ بجلي وافر موجود آهي، جيڪڏهن اگهن ۾ گهٽتائي يا سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز لاءِ خاص پيڪيجن تي اتفاق ٿي وڃي ته ننڍيون صنعتون ترقي ڪنديون ۽ وڌيڪ يونٽ قائم ٿيندا، وڏي وزير افسوس ظاهر ڪيو ته ڪيترن ئي سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز کي بقا لاءِ پنهنجون سرگرميون محدود ڪرڻيون يا ملازمن کي فارغ ڪرڻو پيو آهي۔ هن چيو ته ڪيترائي ادارا پراڻي مشينري سان ڪم ڪري رهيا آهن، اهي جديد پيداواري ٽيڪنالاجي تائين رسائي نٿا رکن، جڏهن ته مارڪيٽنگ، انتظاميا ۽ عالمي ڪاروباري طريقن بابت افرادي قوت جي تربيت به ناڪافي آهي۔ اجلاس ۾ مشاهدو ڪيو ويو ته مختلف ادارن جي اختيارن ۾ اوورليپنگ سبب سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز جي سهولتڪاري ڏکي ٿي وئي آهي، جڏهن ته صوبائي ۽ وفاقي ادارن وچ ۾ رابطي جي کوٽ پاليسين جي نفاذ ۾ دير جو سبب بڻجي ٿي، مراد علي شاهه چيو ته سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ خانگي شعبي سان 30.8 ارب رپين کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪاميابي سان متحرڪ ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 3880 کان وڌيڪ سڌا روزگار جا موقعا پيدا ٿيا آهن، سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ 214 سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز جي مدد ڪئي آهي، جن ۾ 25 ڪاروباري عورتون به شامل آهن، جڏهن ته پٺتي پيل علائقن ۾ عورتن لاءِ 9500 مائڪرو قرضن تي سبسڊي فراهم ڪئي وئي آهي،حبيب بينڪ سان ڀائيواري ذريعي سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز کي هڪ ڪروڙ جا جا قرض صرف 5 سيڪڙو وياج تي تي ڏنا پيا وڃن ، صنعتن واري وزير صنعت ڄام اڪرام ڌاريجو چيو ته سنڌ بزنس ون اسٽاپ شاپ جي قيام سان هڪ ئي ڇت هيٺ ريگيوليٽري طريقيڪار کي آسان بڻايو ويو آهي، جنهن سان بيوروڪريٽڪ دير ۾ به نمايان گهٽتائي آئي آهي، هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ 9 خاص اقتصادي زونز ۽ 10 صنعتي اسٽيٽس موجود آهن، جتي ٽيڪس ۾ ڇوٽ سميت مراعتون ڏنيون پيون وڃن، هن ٻڌايو ته پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام تحت 48 هزار کان وڌيڪ نوجوانن کي مفت صنعت سان لاڳاپيل انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏني پئي وڃي، اجلاس ۾ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز ڊولپمينٽ اٿارٽي کان مطالبو ڪيو ويو ته اها سنڌ ۾ پنهنجن منصوبن جو دائرو وڌائي، هن وقت مڪمل ٿيل 31 منصوبن مان سنڌ ۾ رڳو 4 آهن، وڏي وزير جون 2025 ۾ ختم ڪيل اسٽيٽ بينڪ جي ري فنانس اسڪيم ٻيهر متعارف ڪرائڻ جي تجويز ڏني ته جيئن 6 سيڪڙو وارا قرض ٻيهر بحال ٿي سگهن، جنهن تي هارون اختر چيو ته هو هي معاملو وزيراعظم آڏو کڻندو، اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته شمسي توانائي جا منصوبا اختيار ڪندڙ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز کي ٽيڪس ۽ ڪسٽمز ۾ ڇوٽ ڏني وڃي، جنهن ۾ درآمدي ڊيوٽي کي ٻُڙي سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز به شامل آهي۔ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته حتمي فيصلي لاءِ هي معاملو وزيراعظم سان غور هيٺ آندو ويندو۔