| سنڌ ۾ نون صوبن جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، متحده جي ڳالهين کي سنجيده نه وٺو: وڏو وزير |
ڀان سيدآباد(رپورٽ: مظفر کوکر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ نون صوبن جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، وفاق ۾ پ پ _ ن ليگ اتحاد برقرار رهندو، 28 ترميم سامهون آئي ته ڏسنداسين، کنڊ جي وڌندڙ قيمتن تي ڳڻتي آهي، پنهنجي تڪ ۾ ٻن ڏينهن جي دوري تي پهچڻ کانپوءِ ڀان سيدآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪلب جي سينيئر نائب صدر ۽ سينيئر صحافي آدم علي مينگل سان ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته خبر ناهي ڇو ايم ڪيو ايم جي نون صوبن واري ڳالهه کي ايڏو سنجيده ڇو ٿو ورتو وڃي؟، ايڏي پريشاني ڇو ٿي محسوس ڪئي وڃي؟ ڇا توهان مان ڪو هڪ به ماڻهو اهو چاهي ٿو ته سنڌ کي ورهايو وڃي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ پريشاني ڪهڙي ڳالهه جي آهي؟ سنڌ ۾ نون صوبن جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، وفاق ۾ ن ليگ کي شادي اڪثريت حاصل ٿيڻ بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اليڪشن کانپوءِ پ پ ۽ ن ليگ ۾ اتحاد ٿيو هو، جيڪو گڏيل انڊر اسٽينڊنگ سان جاري آهي، مون کي نه ٿو لڳي ته پ پ يا ن ليگ اتحاد کان منهن موڙينديون، 28 هين آئيني ترميم جي حمايت يا مخالفت بابت سوال تي وڏي وزير چيو ته انهي بابت ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو، 28 هين آئيني ترميم جو معاملو سامهون آيو ته پوءِ ڏسنداسين، پ پ سنڌ ۽ پاڪستان جي مفادن خلاف ڪابه ڳالهه برداشت نه ڪندي، سنڌ جي گورنر جي تبديليءَ جي حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته نئون گورنر مقرر ڪرڻ وزيراعظم ۽ صدر جو اختيار آهي، وزير اعظم جي سفارش سان صدر نئون گورنر مقرر ڪري سگهي ٿو، ان ۾ ٻئي ڪنهن جو به ڪردار ناهي. کنڊ جي اگهن واڌ متعلق سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته کنڊ جي وڌندڙ قيمت تي ڳڻتي آهي، مون چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته کنڊ جي قيمتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ڪوشش آهي ته کنڊ جي قيمتن تي ڪنٽرول ٿئي ۽ ڪمند جي آبادگارن کي به مناسب اگهه ملي، هڪ کان 4 گريڊ جي نوڪرين متعلق سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته جن ضلعن ۾ ڪم مڪمل ٿي ويو آهي اتي ايندڙ هفتي هڪ کان چار گريڊ واريون نوڪريون ملي وينديون، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مناهيون، ٽلٽي ۽ ڀان سيدآباد ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ووٽرن سان تعزيتون ڪيون ۽ دعوتن ۾ پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳوڻو ايم اين اي سڪندر علي راھپوٽو، سيد محمد شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ هئا.