سنڌ ۾ نوڪرين لاءِ عمر 33 سال: آءِ بي اي پاس وڏي ڄمار وارا اميدوار رلي ويا

سنڌ ۾ نوڪرين لاءِ عمر 33 سال: آءِ بي اي پاس وڏي ڄمار وارا اميدوار رلي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار پاران نوڪرين لاءِ عمر جي حد 33 سال برقرار، 2023ع ۾ آءِ بي اي پاران ورتل ٽيسٽ پاس ڪندڙ 33 سالن کان وڏي ڄمار وارن اميدوارن کي سسٽم قبولڻ کان انڪاري، رپورٽ موجب سنڌ سرڪار سرڪاري ملازمت لاءِ عمر جي حد 28سال مقرر ڪئي آهي، جيڪا مختلف ڪيسن ۾ 5سالن جي رعايت سان 33 سالن تائين پهچي سگهي ٿي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ 3 ڏينهن اڳ واضح  ڪيو ويو ھو ته 2023ع ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙن لاءِ  عمر جي حد 43 سال رهندي، 43 سال تائين جي عمر وارن کي به نوڪري ڏني ويندي پر  سنڌ حڪومت جي قائم ڪيل سنڌ جاب پورٽل تي 2023 ۾ آءِ بي ٽيسٽ پاس اميدوار لاءِ عمر جي حد وڌائي 43 سال نه ڪئي وئي آھي، سسٽم 33 سالن کان مٿي ڄمار وار اميدوارن کي قبول نٿو ڪري، ورڪس، پبلڪ هيلٿ، انرجي مختلف سرڪاري کاتن ۾ نوڪرين جي اشتهار جي آخري تاريخ ختم ٿي وئي آھي، ٽيسٽ پاس ڪندڙ ڪيترا اميدوار  وڏي عمر سبب درخواستون جمع ڪرائي ناهن سگهيا.