سنڌ ۾ نگرانن جي ڪا به حڪومت نه آهي، صوبي جا سمورا معاملا پيپلزپارٽي جا اڳوڻا وزير هلائي رهيا آهن: خالد مقبول/ فاروق ستار

ڊسمبر 4, 2023

سنڌ ۾ نگرانن جي ڪا به حڪومت نه آهي، صوبي جا سمورا معاملا پيپلزپارٽي جا اڳوڻا وزير هلائي رهيا آهن، شفاف چونڊون نه ٿيون ته سياسي بحران اڃا وڌي ويندو: ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول ۽ ٻين اڳواڻن جون چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهيون، خالد مقبول ۽ فاروق ستار چيو ته اسان نئين تڪبندين تي اعتراض واريا، اسان جو هڪ به اعتراض نه ٻڌو ويو، پيپلزپارٽي جا سمورا اعتراض منظور ڪيا ويا، خالد مقبول جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد اليڪشن ڪميشن جي آفيس پهچي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪئي، ايم ڪيو ايم اڳواڻن چيف اليڪشن ڪمشنر کي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو

Leave A Comment