| سنڌ ۾ هاءِ ويز تباهه، ڪا سهولت نه ملي، رڳو اوڳاڙين تي زور، ٻن سالن اندر عوام کان 10 ارب ٽول ٽيڪس وصول |
سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران داخل جواب ۾ سنڌ مان 28 ٽول پلازائن ۾ مالي سال 2024ع کان 2025ع تائين 10 ارب رپين کان وڌيڪ ٽول وصولي جو انڪشاف سامهون آيو آهي، جڏهن موٽر وي ايم فائيو جو صوبائي شيئر اڃا به غير واضح ڄاڻايو ويو آهي. سنڌ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي اهڙو جواب سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ موٽر وي جي حوالي سان داخل پٽيشن جي جواب ۾ ڄاڻايو ويو آهي. سکر هاءِ ڪورٽ جي روسٽر بدلجڻ بعد نئين ڊي بي گذريل حاضري ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي عملدارن کي حاضري کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گذريل ڊي بي دوران ڪورٽ جي سخت هدايتن بعد نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ۾ جيڪي سرڪاري انگ اکر جمع ڪرايا آهن انهن موجب مالي سال 2024–25 دوران رڳو سنڌ صوبي ۾ موجود قومي شاهراهن ۽ موٽر ويز تان 10 ارب 15 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ٽول ٽيڪس وصول ڪيو ويو. جڏهن ته موٽروي جي 7 ارب 11 ڪروڙ کان مٿي آمدني جو سنڌ صوبي جو حصو، ورڇ ۽ استعمال اڃا تائين مڪمل طور واضح ناهي ڄاڻائي وئي. اهي انگ اکر اين ايڇ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر (ريوينيو – آپريشن II) عامر علي پاران جاري ڪيل دستخطي دستاويز ۾ ظاهر ڪيا ويا آهن. قومي شاهراهه آمدني جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي. سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ ٽول پلازن ۾ جامشورو ٽول پلازا آهي جنهن جي سالياني آمدني هڪ ارب 11 ڪروڙ 75 لک رپيا سامهون آئي آهي يعني روزاني اوسط آمدني: 35 لک 59 هزار رپيا آهي. مورو ٽول پلازا جي سالياني آمدني 81 ڪروڙ 69 لک روپيا، سعيد آباد ٽول پلازا جي سالياني آمدني 70 ڪروڙ 99 لک روپيا، روهڙي ٽول پلازا جي سالياني آمدني61 ڪروڙ 72 لک روپيا سامهون آئي آهي. لاڙڪاڻو خيرپور ٽول جي هڪ ڪروڙ 26 کان مٿي، شڪارپور ٽول جي سوا ڏهه ڪروڙ، ڪشمور جي 8 ڪروڙ 33 لک سميت 10 ارب 15 ڪروڙ کان مٿي آمدني ٿي آهي. ڪورٽ ۾ پيش ڪيل دستاويزن مان موٽر ويز بابت پڻ اهم انڪشاف سامهون آيا آهن. سکر – ملتان موٽر وي ڪل ڊيگهه 392 ڪلوميٽر آهي. سنڌ ۾ حصو 126 ڪلوميٽر ايم فائيو تان حاصل ٿيندڙ ٽول آمدني کي صوبن جي بنياد تي الڳ نه ڪيو ويو آهي. اها به اهم ڳاله آهي ته ڪجهه ٽول پلازائن جي ٻارنهن مهينن جي رقم نه ڄاڻائي وئي آهي. هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي ڊي بي ۾ مختلف ٻڌڻين بعد گذريل ڏينهن اين ايڇ اي عملدارن کي حاضري کان آجو قرار ڏنو ويو.
| اين 5 لاءِ سنڌ حڪومت رقم ڏئي چڪي، زمين خريداري مڪمل |
سکر : چيف سيڪريٽري سنڌ پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ تفصيل جمع ڪرائيندي چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت پاران نيشنل هاءِکي موٽروي اين 5 جي لاءِ هڪ وڏي رقم ڏني وئي آهي ۽ گڏوگڏ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ حڪومت پاران زمينن جي خريداري وارو عمل پورو ڪندي ان لاءِ 7436 ايڪڙ زمين جو معاوضو ڏنو آهي جنهن جي رقم 20 ارب 11 ڪروڙ 85 لک 23 هزار رپيا ڏئي چڪي آهي. ان مان ڄامشورو ۾ 556.24 ايڪڙن لاءِ 177.800 ملين، حيدرآباد ۾ 317.21 ايڪڙن لاءِ 576.150 ملين رپيا، مٽياري ۾ 1755.16 ايڪڙن لاءِ 5099.500 ملين رپيا، نوابشاهه ۾ 1394.21 ايڪڙن لاءِ 3538 ملين رپيا، نوشهروفيروز ۾ 1581 ايڪڙن لاءِ 4550 رپيا، سکر ۾ 26.26 ايڪڙن لاءِ 99.79 ملين رپيا ۽ خيرپور ميرس ۾ 1814 ايڪڙن لاءِ 6076 ملين رپيا ڏنا ويا آهن.