سنڌ ۾ وبائي صورت اختيار ڪندڙ ڊائريا، گيسٽرو ۽ مليريا

سنڌ ۾ صحت جي شعبي جي موجوده صورتحال هڪ ڳڻتي جوڳي تصوير پيش ڪري ٿي، جتي بيمارين ۾ وڪوڙيل عوام کان وڌيڪ علاج جي ضرورت خود صحت کاتي کي محسوس ٿئي ٿي. اهو ڪو وڌاءُ ناهي ته سرڪاري سطح تي صحت جون پاليسيون ۽ انهن تي عملدرآمد اهڙي حالت ۾ پهچي ويا آهن جو ماڻهو اسپتالن ڏانهن اميد سان وڃن ٿا، پر اڪثر مايوسي کڻي واپس موٽن ٿا يا وري زندگيون وڃائي ويهن ٿا. هن وقت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گيسٽرو، ڊائريا ۽ مليريا جهڙيون بيماريون وبائي صورت اختيار ڪري چڪيون آهن. هر سال گرمي ۽ برسات جي موسم اچڻ سان اهي بيماريون ٻيهر ڪر کڻن ٿيون، پر افسوس جو انهن کي روڪڻ لاءِ نه اڳواٽ تياري ڪئي وڃي ٿي ۽ نه ئي هنگامي بنيادن تي ڪو مؤثر قدم کنيو وڃي ٿو. صاف پاڻي جي کوٽ، گندگي جا ڍير، نيڪال جي ناقص نظام ۽ صحت بابت آگاهي جي گهٽتائي انهن بيمارين جي واڌ ويجهه جا اهم سبب آهن، پر انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ذميوار ادارا سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.

سرڪاري اسپتالن جي حالت ڪنهن کان ڳجهي ناهي. بنيادي صحت يونٽن ۽ ديھي صحت مرڪزن کان وٺي وڏين تدريسي اسپتالن تائين، سهولتن جي اڻاٺ عام ڳالهه بڻجي وئي آهي. دوائن جي کوٽ، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي جي غيرحاضري، جديد مشينري جي کوٽ ۽ صفائي جي خراب صورتحال مريضن جي تڪليفن ۾ واڌارو ڪري رهي آهي. ڪيتريون ئي اسپتال اهڙيون آهن، جيڪي عملي طور تي علاج جا مرڪز گهٽ ۽ ريفر سينٽر وڌيڪ بڻجي ويوڻ آهن، جتان مريضن کي وڏن شهرن ڏانهن موڪليو وڃي ٿو، جتي پهچڻ تائين ڪيترن ئي مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وڃي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهوءَ لاءِ علاج حاصل ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي. غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو جيڪي خانگي اسپتالن جا مهانگا خرچ برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن، اهي سرڪاري اسپتالن تي ڀاڙين ٿا، پر اتي کين بنيادي سهولتون به ميسر ناهن. نتيجي طور، ڪيترائي ماڻهو وقت سر علاج نه ملڻ سبب پنهنجون زندگيون وڃائي ويهن ٿا، ۽ صحت کاتي جي ناڪامي سڌي ريت انساني جاني نقصان جو سبب بڻجي ٿي. اسان سمجھون ٿا ته انهيءَ سموري صورتحال جو بنيادي ڪارڻ خراب گورننس آهي. صحت کاتي ۾ بھتر پاليسين جي کوٽ کان وڌيڪ انهن تي عملدرآمد جي ناڪامي وڏو مسئلو آهي. وسيلن جي کوٽ جو بهانو پيش ڪيو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ موجود وسيلن جو به صحيح استعمال نٿو ٿئي. ڪرپشن، سياسي مداخلت ۽ انتظامي نااهلي صحت جي شعبي کي اندر کان کائي رهي آهي. جيڪڏهن حڪومتي سطح تي شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻايو وڃي ته ڪيترائي مسئلا پاڻمرادو گهٽجي سگهن ٿا.

صحت ۽ صفائي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل شعبا آهن. جيڪڏهن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ صفائي سٿرائي جو مناسب انتظام هجي، صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ ماڻهن ۾ صحت بابت شعور وڌايو وڃي ته بيمارين جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي اچي سگهي ٿي. ان لاءِ رڳو صحت کاتي نه، پر مڪاني ادارن، تعليم کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل شعبي کي گڏيل طور ڪم ڪرڻو پوندو. ان کان علاوه، بنيادي صحت يونٽن ۽ ۽ ديھي صحت مرڪزن کي فعال بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. جيڪڏهن ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ ئي ماڻهن کي بنيادي علاج جون سهولتون ميسر ٿين ته وڏين اسپتالن تي دٻاءُ گهٽجي سگهي ٿو. ڊاڪٽرن ۽ عملي جي حاضري کي يقيني بڻائڻ، دوائن جي فراهمي کي بهتر ڪرڻ ۽ جديد سهولتن جي فراهمي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ لازمي آهي.اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته جيڪڏهن گورننس بهتر بڻائي وڃي ته عوام جا اڌ مسئلا پاڻ ئي حل ٿي سگهن ٿا. صحت جو شعبو ڪنهن به سماج جي ترقي جو بنيادي جز آهي، ۽ جيڪڏهن اهو ئي بيمار هجي ته پوءِ قوم جي مجموعي حالت به بگڙجي وڃي ٿي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صحت کاتي جي سڌاري لاءِ سنجيده، مستقل ۽ نتيجا ڏيندڙ قدم کنيا وڃن، نه ته بيمارين ۾ وڪوڙيل عوام جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ اسپتالون اميد جي مرڪزن بدران ڪوس گھر بڻيل رهنديون.