سنڌ ۾ وري پاڻي جي کوٽ، پنجاب فلڊ ڪئنالن مان کڻت وڌائي ڇڏي

جُون 19, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ انتهائي شدت اختيار ڪري وئي، ان باوجود پنجاب جي آبپاشي کاتي ٽي پي لنڪ ڪينال مان پاڻي جي کڻت ٻيڻ تي وڌائي ڇڏي

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ انتهائي شدت اختيار ڪري وئي پر ان باوجود پنجاب جي آبپاشي کاتو مسلسل تڪراري ٽي پي لنڪ ۽ سي جي لنڪ مان پاڻي کڻي رهيو آھي

 پنجاب جي آبپاشي کاتي پهريل اپريل کان شروع ٿيل هلندڙ خريف سيزن دوران 29 اپريل تي ٽي پي لنڪ کولي ان مان پاڻي کڻڻ شروع ڪيو جيڪو  سلسلو اڃان جاري آھي

 ٽي پي لنڪ ڪينال ذريعي پنجاب 18 جون تائين نه رڳو 90 هزار 904 ڪيوسڪس پاڻي کڻي ورتو آھي پر ڪالھه 18 جون کان ٽي پي لنڪ ڪينال مان پاڻي کڻت ۾ ٻيڻ تي واڌ به ڪري ڇڏي آھي

 17 جون تي ٽي پي لنڪ ڪينال مان پنجاب هڪ هزار ڪيوسڪس پاڻي کڻي رهيو هيو ڪالھه اها کڻت 2042 ڪيوسڪس تي پهچي وئي آھي

هلندڙ خريف سيزن دوران سي جي لنڪ ڪينال 27 مئي تي کولي فلڊ ڪينال طور قائم ٿيل سي جي لنڪ ڪينال مان پاڻي کڻڻ شروع ڪيو هيو 18 جون تائين سي جي لنڪ ڪينال مان پنجاب 32 هزار 369 ڪيوسڪس پاڻي کڻي چڪو آھي

 سي جي لنڪ مان پاڻي کڻڻ جو عمل اڃان به جاري آھي هن وقت روزانو سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ تونسا وٽان 1لک 20 هزار ڪيوسڪس پاڻي ڇڏيو پيو وڃي

 گڊو بيئراج وٽ پاڻي جي آمد يعني مٿيون وهڪرو 85 هزار 534 ڪيوڪس رهيو اهڙي ريت سنڌ لاءِ ڇڏيو ويندڙ پاڻي مان 34 هزار 726 ڪيوسڪس پاڻي گهٽ پهچي رهيو آھي

Leave A Comment