ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ چوماسي جي وسڪارن کانپوءِ مختلف شاخن ۽ واهن کي گهارا، ڪيترائي ڳوٺ، روڊ رستا ۽ فصل پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن
قاضي احمد ڀرسان 3 شاخن دولتپور شاخ.جمال شاھ شاخ ۽ ملواھ شاخ کي پڇڙي وٽان گھارا پئجي ويا،ڳوٺ مھرو وٽان ملواھ شاخ کي 10کان 15 فٽ مبينا گھارو پئچي ويو، جنھن سبب 2 ڳوٺ ۽ فصل پاڻي ھيٺ اچي ويا
اطلاع باوجود ايريگيشن عملو نه پھتو، ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ گھارو ٻڌي ورتو،ڳوٺاڻن آبپاشي عملي خلاف احتجاج ڪيو ۽ دانھيندي چيو ته رات ديرسان اوچتو ايريگيشن وارن ھٿ سان برساتي پاڻي شاخ ۾ ڇڏي ڏنو جنھن سبب شاخ کي تقريبن کان 20 فوٽ جو گھارو پئجي ويو
ھوڏانھن دولتپور شاخ کي پڇڙي ۾ سائين ڏتو جتوئي وٽان 50 فٽ گھارو پئجي ويو، جنھن سبب ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻن جو فصل ۽ ٻيا فصل پاڻي ھيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ گھاري کي بند ڪري ورتو
ٻئي طرف جمال شاھ شاخ کي پير شاھ موري وٽان 30 فٽ گھارو پئجي ويو گھاري سبب ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙ وونئڻن جي ٻيٺل فصل سميت ٻيا فصل پاڻي جي لپيٽ ھيٺ اچي ويا
ڳوٺاڻن موجب ايريگشن کاتي وارن ھٿ سان شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي ڇڏيو آھي جنھن سبب شاخ کي گھارو پيو آھي جڏھن پاڻي جي ضرورت ھوندي آھي ته شاخ ۾ ھڪ ڦڙو به پاڻي ناھي ڇڏيو ويندو
اطلاع باجود ايريگيشن عملو گھاري کي ٻڌڻ لاءِ ناھي پھتو ۽ پاڻي ڳوٺن ڏانھن وڌڻ لڳو آھي، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته جلد گھاري کي ٻڌو وڃي ۽ وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي
دوداپور ويجهو لعل شھباز شاخ کي 20 فوٽ جو گهارو پئجي ويو اطلاع باوجود آبپاشي عملو ناهي پهتو
ڳوٺ عبدالمجيد جکرو وٽان رات دير سان گهارو پئجي ويو جيڪو وڌي 20 فوٽ تائين ٿي ويو ، ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته گهاري جو پوڻ جو بروقت ئي آبپاشي عملي کي اطلاع ڪيو مگر عملي بند ڪرڻ جي ڪا به زهمت نه ڪئي جنهن سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل ٻڏي ويو
شھدادپور ڀرسان گجرا واھ مان نڪرندڙ بابو ڇَن شاخ کي ڳوٺ مراد علي رند وٽان 50 فوٽ گھارو پئجي ويو،گھاري سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل ووئڻن جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو جڏھن ته انبن جا به سخت متاثر ٿيا
آبپاشي عملو اطلاع باوجود گھاري واري ھنڌ نه پھتو، گھاري جو پاڻي تيزي سان ڳوٺ خيرو رند، ڳوٺ ولي محمد رند سميت مختلف آبادي ڏانھن وڌڻ لڳو،ڳوٺاڻن ۾ حراس پکڙجي ويو
ڳوٺاڻن دانهيو ته آبپاشي کاتو عام ڏينهن ۾ ڇَن بابو شاخ جو پاڻي بند ڪري زرعي شعبي کي تباھ ڪري برساتن فوران گنجائش کان وڌيڪ پاڻي ڇوڙ ٻوڙي رهي آهي، گهارو بند نه ڪيو ويو ته مقصودو شاهپورچاڪر مُک روڊ پاڻي هيٺ اچي لنگھ بند ٿي ويندو ۽ سندن گهر پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويندا
مقصودو رند ويجهو بابو ڇن شاخ کي رات جي وقت لڳل 50 فوٽ گهارو بند نه ٿي سگهيو، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ۽ انبن جا باغ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا پاڻي ڳوٺ خيرو رند ڏانهن وڌڻ لڳو
مورو ويجهو ڳوٺ محمد بچل پنهور وٽان ڊيفيل شاخ کي 40 فوٽ گهارو پئجي ويو جنهن سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويا
ٺل ويجهو سون واهه کي ۽ گپچاڻي ويجهو مرزا شاخ کي ۽ دوداپور ويجهو ڳوٺ عبدالمجيد جکرو وٽان لعل شهباز شاخ کي به 20 -20 فوٽ جا گهارا پئجي ويا، جنهن سبب فصل پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آبپاشي عملو نه پهتو
خان واهڻ ويجهو ڳوٺ عباس ڪونڌر وٽان خان واهڻ مائينر کي 10 فوٽ گهارو، فصل، انبن ۽ ليمن جا باغ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن